ورلڊ ڪپ 2023ع جو پهريون اپ سيٽ،افغانستان جي انگلينڊ کي شڪست

نئين دهلي ( م ڊ ) آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ 2023ع جو پهرين اپ سيٽ، افغانستان انگلينڊ کي هڪ طرفي مقابلي ۾ 69 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي آهي.  انگلينڊ جي بيٽنگ لائين  افغانستان خلاف بُري طرح ناڪام ٿي وئي، انگلينڊ جي ٽيم 285 رنسن جي هدف جي ۾ 215 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي، هيري برڪ 66 رنسن ٺاهي نمايان رهيو. ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ افغانستان جي اها ٻي ڪاميابي آهي، ان کان اڳ افغانستان ورلڊ ڪپ ۾ 17 ميچون کيڏيون، جن ۾ 16 ۾ شڪست ۽ صرف هڪ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي.  افغانستان جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي آخري اوور ۾ 284 رنسون ٺاهي آل آئوٽ ٿي وئي، گرباز 80 ۽ اڪرام 58 رنسون اسڪور ڪيون. اهڙي ريت افغانستان جي پوري ٽيم 49.5 اوورن ۾ 284 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، انگلينڊ طرفان عادل رشيد 3 ۽ مارڪ ووڊ 2 وڪيٽون ورتيون. افغانستان پاران ڏنل 285 رنسن جي هدف ۾ انگلينڊ جي بيٽنگ شروع کان ئي مشڪلاتن جو شڪار رهي، انگلينڊ جي پهرين وڪيٽ 3 رنسن تي ڪري پئي، بيئرسٽو 2 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، ان کانپوءِ جو روٽ 11 ۽ ڊيوڊ مولن 32 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. افغان بالرز 40.3 اوورن ۾ پوري انگلش ٽيم کي قابو ڪري ورتو، افغانستان ورلڊ ڪپ ۾ دفاعي چيمپيئن انگلينڊ کي 69 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. مجيب الرحمان 3 ۽ راشد خان 3 وڪيٽون ورتيون جڏهن ته محمد نبي 2 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو. کيس شاندار بالنگ تي ميچ جو بهترين رانديگر قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.