بک سبب متاثر ماڻهن جي انگ ۾ 32 ڪروڙ جي واڌ

لاهور(م ڊ) سڄي دنيا وانگر پاڪستان ۾ پڻ خوراڪ جو عالمي ڏينهن (اڄ) 16 آڪٽوبر تي ملهايو ويندو. ان ڏينهن کي ملهائڻ جو مقصد عالمي سطح تي بک ۽ غذائيت جي کوٽ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ آهي. اهو  ڏينهن 1945ع ۾ گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت واري تنظيم ايف اي او جي قائم ٿيڻ جي ياد ۾ ملهايو ويندو آهي. گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت تنظيم ايف اي او مطابق  2020ع ۾ دنيا ۾ 3 مان هڪ ماڻهو يعني 2 ارب 37 ڪروڙ ماڻهن کي خوراڪ تائين مناسب پهچ حاصل نه هئي يعني ان شرح سان هڪ سال ۾ بک سبب متاثر ماڻهن جي انگ ۾ اٽڪل 32 ڪروڙ جو اضافو ٿيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.