اسلام آباد(بيورو+م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ حڪومت طرفان ڦٽي جي مقرر ڪيل اگهه کان گهٽ اگهه تي خريد ڪرڻ جو نوٽيس وٺندي ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کان فوري رپورٽ طلب ڪري ورتي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ طرفان جاري بيان مطابق نگران وزيراعظم چيو ته حڪومت هارين کي سپورٽ ڪرڻ لاءِ ڦٽي جو گهٽ کان گهٽ اگهه مقرر ڪيو هو. پر ڏٺو وڃي ٿو ته ڪجهه هنڌن تي ڦٽي جي ان گهٽ قيمت تي خريداري ڪئي پئي وڃي. ملڪ ۾ ڦٽي جي فصل سٺي ٿيڻ سٺو سنئوڻ آهي، پر ان جو سمورو فائدو هارين تائين پهچڻ گهرجي. وزيراعظم ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان کي نوٽيس وٺڻ ۽ فوري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چيو ته حڪومت جون واضح هدايتون آهن ته ڦٽي جي خريد حڪومت طرفان طئي ٿيل قيمت تي ئي ڪئي وڃي.