اسلام آباد(بيورو+م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد قيصر جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ داخل اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي. جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ 19 آڪٽوبر تي خيبرپختونخوا صوبائي حڪومت جي اپيل تي ٻڌڻي ڪندي. سپريم ڪورٽ طرفان جاري ڪاز لسٽ موجب خيبرپختونخوا جي صوبائي حڪومت طرفان اسد قيصر جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ داخل اپيل ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي.
پرويز الاهي ڪيس بابت ٻڌڻي اڄ ٿيندي
لاهور(م ڊ) لاهور هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بينچ آڏو پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي اينٽي ڪرپشن ڪيس مان ڊسچارج ڪرڻ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي سنگل بينچ جي فيصلي خلاف انٽرا ڪورٽ اپيل تي ٻڌڻي اڄ سومر تي ٿيندي. عدالتي ذريعن موجب جسٽس شهرام سرور چوڌري جي سربراهي ۾ 2 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
اسلام آباد ۾ گاڏي ۾ سلنڊر ڌماڪو، 2 عورتون اجل جو شڪار
اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد جي سيڪٽر ايف سيون ۾ واقعي هڪ سي اين جي اسٽيشن تي گاڏي ۾ سلنڊر ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 عورتون فوت ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس مطابق ڌماڪو ان وقت ٿيو جڏهن گاڏي ۾ گئس ڀري پئي وئي، ڌماڪي سبب خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ 2 عورتون ۽ هڪ ٻار سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ اهلڪار فوري طور تي واقعي واري هنڌ پهچي ويا ۽ ڌماڪي سبب زخمي ٿيلن کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو جڏهن ته شديد زخمي ٿيل 2 عورتون زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويون. پوليس مڪمل جاچ لاءِ لاڳاپيل سي اين جي اسٽيشن کي عارضي طور تي بند ڪري ڇڏي آهي.