سعودي عرب ۾ 16 هزار پرڏيهي گرفتار

رياض(م ڊ) سعودي عرب ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي  چيو آهي، ته گذريل هفتي 16 هزار 790 پرڏيهي گرفتار ڪيا ويا آهن. سعودي خابرو اداري مطابق سعودي عرب ۾ غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڪم ڪندڙ گڏيل ڪميٽي طرفان جاري رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اهي گرفتاريون پهرين کان 11 آڪٽوبر 2023 وچ ۾ ٿيون آهن. گرفتار ٿيل ماڻهن ۾ 10177 اقامه قانون، 4523 گرفتار ٿيل ماڻهو سرحدي قانون جي ڀڃڪڙي جڏهن ته 2090 پرڏيهي ليبر قانون جي ڀڃڪڙي ۾ ملوث آهن.

عليمه خان، عظميٰ خان اڄ اي ٽي سي ۾ پيش ٿيندا

لاهور(م ڊ) 9 مئي سانحي جي الزامن تحت داخل ڪيسن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين جي ڀينرن  عليمه خان ۽ عظميٰ خان سميت اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر پنهنجي عارضي ضمانتن جو مدو ختم ڪرڻ تي اڄ سومر تي لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ خاص عدالت ۾ پيش ٿيندا. عدالتي ذريعن موجب دهشتگردي ٽوڙ واري خاص عدالت جي ايڊمن جج عبهر گل خان ڪيس جي ٻڌڻي ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.