حيدرآباد/ کور واهه (پ ر) قومي عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ کور واھ پاران سارين جو اگھه گھٽ ملڻ ۽ ڪٽوتي خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي پريس ترجمان اشرف پليجو، قومي عوامي تحريڪ ضلعي سجاول جو صدر پنھل سولنگي، سنڌي ھاري تحريڪ جي اڳواڻ يوسف لاشاري، وڪيو لاشاري ،قومي عوامي تحريڪ ضلعي بدين جو اڳواڻ فراز شاھ، گيانچند مھيشوري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن پريس ڪلب کورواھ کان شھيد فاضل راهو چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو، ان موقعي تي اشرف پليجو چيو ته وڏا واپاري ۽ ڪارخانيدار ھٿرادو سارين جو اگھ گھٽائي هارين ۽ آبادگارن سان ظلم ڪري رهيا آهن، زرعي ڀاڻ، دوائون تيل ۽ ٻيا خرچ تمام مهانگا آهن پر جڏهن فصل لهن ٿا ته انهن جا هٿرادو اگھه ڪيرايا وڃن ٿا، جنهن ڪري آبادگار ۽ هاري ڪنگال ٿي ويا آهن، پنھل سولنگي چيو ته سنڌ ۾ فصل سٺا لھن ٿا ته ھٿ وٺي انھن جا اگھه ڪيرايا وڃن ٿا، آبادگارن ۽ ھارين کي فائدو ڏيڻ بدران ٺيڪيدار مافيا کي نوازيو وڃي ٿو. ھاڻ ڪڻڪ جي پوکي ٿي رھي آھي، يوسف لاشاري، فراز شاھ ،گيانچند مھيشوري خطاب ڪندي چيو ته حڪمرانن سنڌ جي زراعت کي تباھي ڪناري پھچائي ڇڏيو آھي، جڏھن فصل لھن ٿا ته انھن جا اگھه ڪيرايا وڃن ٿا آبادگارن ۽ ھارين کي پنھنجي محنت جو اجورو به نٿو ملي، ھر زرعي فصل پوکڻ مھانگو ٿي ويو آھي، آبادگارن ۽ هارين سان ظلم بند ڪيو وڃي، ٻئي پاسي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل بند ڪيو وڃي، سارين جو اگه 5 ھزار رپيا ڪيو وڃي، سنڌ جي زرعي معيشت کي بھتر ڪرڻ سان غربت جو خاتمو ايندو، سنڌ ۾ شگر ملون، فيڪٽريون، ڪارخانا پ پ حڪمرانن جا ھجڻ ڪري فصلن جا اگھه ڪيرائي آبادگارن ۽ ھارين کي ھٿ وٺي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو، سنڌ جا ماڻھو پنھنجي حقن، تعليم، روزگار، زراعت، قومي وسيلن ۽ وحدت لاءِ قومي عوامي تحريڪ جو حصو ٿي ساٿ ڏين ۽ ڪرپشن، خراب حڪمراني کي شڪست ڏين.