عرفان زهراڻي کي کنڀڻ خلاف ٽئين ڏينهن به قومي شاهراهه بلاڪ

ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) پنجاب جي علائقي رحيم يار خان پوليس پاران قومي ڪارڪن عرفان زهراڻي کي عدالت پاران گذريل ڏينهن  آزاد ڪرڻ جي حڪم بعد عدالت جي حدن مان عرفان ۽ سندس وڪيل کي گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف جمعي ۽ ڇنڇر واري رات کان قومي شاهراهه گهگهر ڦاٽڪ تي  ڌرڻو ۽ احتجاج جاري آهي ڌرڻي ۾ عرفان جي وارثن، والده ريشمه، ڀيڻن ۽ عزيزن سميت ملير جي سياسي سماجي ۽ قومي ڪارڪنن عورتن ۽ مردن جو احتجاج، احتجاج سبب گذريل 48 ڪلاڪن کان ڪراچي ٺٽو ۽ لاڙ سان وابسطا ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ بلاڪ ٿي آهي جنهن سبب آمد رفت جو نظام مڪمل طور تي بند آهي هزارين مسافر پريشان جڏهن ته پورٽ قاسم انڊسٽريل زون کان اندرون ملڪ ويندڙ ڪارگو سروس مڪمل بند آهي، انتظاميا۽ عرفان جي وارثن ۾ هلندڙ ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون وارثن پاران عرفان زهراڻي جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو، وارثن سان اظھار يڪجھتي طور تي مسلم ليگ ن اڳواڻ قادر ڪلمتي ، انعام عباسي سنڌي ادبي سنگت ۽ سول سوسائٽي جاڪارڪن احتجاجي ڪيمپ تي پھتا

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.