اسرائيل غزا تي حملا بند نه ڪيا ته سخت نتيجا ڀوڳيندو: ايران جي ڌمڪي

تهران ( م ڊ ) ايران گڏيل قومن جي ذريعي اسرائيل کي غزا ۾ زميني فوجي ڪارروائين تي خبردار ڪندي چيو آهي ته حماس اسرائيل جنگ وڌائڻ نه ٿا چاهيون، پر جيڪڏهن اسرائيل حملا بند نه ڪيا ته مداخلت ڪرڻي پوندي. عالمي خابرو اداري موجب لبنان جي ايراني حمايت يافته گروپ حزب الله  تازو ئي اسرائيل تي حملا ڪيا آهن. اسرائيل به لبنان ۾ حزب الله جي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن  جنهن جي نتيجي ۾ حزب الله جا 3 ويڙهاڪ مارجي ويا هئا. اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ تي ايران جو ردعمل سامهون آيو آهي. گڏيل قومن جي خاص نمائندي ٽوروينز لينڊ ايراني پرڏيهي وزير امير عبداللهيان سان ڳالهه ٻولهه ۾ زور ڏنو ته ايران غزا ۾ حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. ايراني پرڏيهي وزير چيو ته ايران نه ٿو چاهي ته حماس ۽ اسرائيل وچ ۾ تڪرار خطي ۾ علائقائي جنگ ۾ تبديل ٿئي پر اسان چاهيون ٿا ته غزا ۾ حماس جي هٿان يرغمال ڪيل شهرين کي آزاد ڪرائڻ ۾ مدد ڪن. گڏيل قومن جي خاص نمائندي ٽوروينز لينڊ، اسرائيل جي قومي سلامتي جي صلاحڪار زچي هنگيبي ۽ ٻين عملدارن کي ايران جي ڌمڪي کان فون تي آگاهه ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.