نيب ۾ حاضر سروس فوجي آفيسرن جي مقرري هڪ وڌيڪ غلط فيصلو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) نيب ۾ حالتون خراب ٿي چڪيون هيون، ساڳئي ريت نادرا ۾ به نظام خراب ٿي رهيو هو، نادرا ۾ اهڙو ڀنڊ ڪيو ويو جو اتي ٿري اسٽار جنرل کي مقرر ڪيو ويو جڏهن ته تازو  نيب ۾ چئن حاضر فوجي آفيسرن کي مقرر ڪيو ويو آهي،پاڪستان جي سياست ۾ نيب جو هڪ خاص مقام حاصل آهي، سينئر صحافي عمران شفقت چيو آهي ته سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته نيب پوليٽيڪل انجنيئرنگ جو ادارو آهي،پي ڊي ايم جي حڪومت  نيب جا اختيار گهٽائڻ لاءِ ترميمون ڪيون هيون پر  بنديال ويندي ويندي اسٽيبلشمينٽ کي ساڳيو هٿيار واپس ڪري ڇڏيو، موجوده اسٽيبلشمينٽ قانون ۽ آئين جي پابند نظر اچي رهي آهي، جيڪي سياسي بنيادن تي ڪيس داخل ٿيل هئا انهن تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته سپريم ڪورٽ پارليامينٽ جي بڻايل قانون کي ڪالعدم قرار ڏنو، نيب وارا ماڻهن کي وڏو ذليل ڪن ٿا،نيب ۾ ماضي ۾ مقرر ڪيل آفيسر پراجيڪٽ عمران خان لاءِ هئا، نيب ذريعي سياسي وفاداريون تبديل ڪيون وينديون آهن،هن چيو ته حاضر سروس فوجين کي نيب ۾ مقرر ڪرڻ دانشمنداڻو فيصلو ناهي، ان سان هڪ ڀيرو ٻيهر سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ تي آڱريون کڄنديون،پاناما ڪيس ۾ نوازشريف جي آءِ ٽي ۾ ايجنسين جا ماڻهو مقرر ڪري کين وائکو ڪرڻ پئي چاهيو، اسٽيبلشمينٽ جيڪڏهن ماضي جي غلطين مان ڪجهه سکيو آهي ته پوءِ ان فيصلي کي واپس وٺڻو پوندو، عوام جي حق حاڪميت مڃڻ تائين لڳي ٿو ائين نٿو ٿي سگهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.