غزه تي اسرائيل جي بربريت، روس ميدان تي اچي ويو

روس ( م ڊ ) روس غزه تي اسرائيل جي بربريت کي روڪڻ لاءِ ميدان ۾ اچي ويو آهي. روس گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ قرارداد  جو مسودو جمع ڪرائي ڇڏيو آهي، 15 رڪني سلامتي ڪائونسل جي بند دروازي جي اجلاس ۾ روس هڪ مسودو جمع ڪرايو آهي، جنهن ۾ انساني همدردي جي بنياد تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو آهي. سلامتي ڪائونسل ۾ روس طرفان پيش ڪيل مسودي ۾ چيو ويو آهي ته شهرين تي تشدد ۽ هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي وڃي، يرغمالين جي بازيابي ممڪن بڻائي وڃي، روس طرفان انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ۽ شهرين جي محفوظ نيڪالي يقيني بڻائڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. هوڏانهن آمريڪي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ميٿيو ملر جو چوڻ آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير اسرائيل ۽ حماس تڪرار کي وڏي جنگ ۾ تبديل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ چين کان سهڪار جو مطالبو ڪيو آهي. ميٿيو ملر چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن پنهنجي چيني هم منصب سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، هن چين کان وچ اوڀر ۾ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪرڻ جي خيال جو اظهار ڪيو. بلنڪن اميد ظاهر ڪئي ته خطي ۾ تڪرار گهٽائڻ لاءِ چين پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪندو.ترجمان چيو ته آمريڪي پرڏيهي وزير چيني هم منصب سان هڪ ڪلاڪ فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.