اسلام آباد(م ڊ) اسلامي تعاون تنظيم جي جنرل سيڪريٽريٽ گذريل ڏينهن اسرائيلي قابض فوج طرفان فلسطيني عوام کي جبري بي گهر ڪرڻ جي مطالبن ۽ انساني همدردي جي بنياد تي منتقلي جي ڪوششن کي مڪمل رد ۽ مذمت جو اظهار ڪندي چيو آهي، ته پاڙيسري ملڪن تي اسرائيلي قبضي سبب بحران وڌي ويو آهي، او آءِ سي سيڪريٽريٽ جده مان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي، ته او آءِ سي غزه جي پٽي ۾ طبي، امدادي سامان ۽ بنيادي ضرورتن جي ناڪابندي جي شديد مذمت ڪري ٿو،