سکر(رپورٽر)سکرپريس ڪلب اڳيان مغوين جي بازيابي لاءِ احتجاج 11 ڏينهن ۾ به جاري، وائيس آف راڻيپور جي قائم ڪيل احتجاجي ڪئمپ تي قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو ساٿين سميت پهچي يڪجهتي جو اظهار ڪيو، سنگرار مان اغوا ڪيل معصوم نياڻي پريا ڪماري، خيرپور مان اغوا ڪيل اسلام سومرو ، محراب مان اغوا ڪيل علي حسن ميمڻ ۽ ٻين مغوين جي بازيابي راڻيپور کان سکر پريس ڪلب تائين پيادل مارچ کانپوءِ احتجاجي ڪئمپ قائم ڪري رات ڏينهن وارو احتجاج جاري رکيو ويو 11 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ڪنهن به سرڪاري ڪاموري نوٽيس نه ورتو جڏهن ته جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو، اسدﷲ سومرو، قربان علي ۽ ٻين پهچي احتجاج ڪندڙن سان يڪجهتي جو اظهار ڪندي چيو ته رياست پنهنجون ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ناڪام وئي آهي سنڌ ۾ هٿ سان ڌاڙيل راڄ قائم ڪري عوام کي خوفزده ڪيو ويو آهي افسوس جو مقام آهي ته 27مهينا گذرڻ باوجود معصوم نياڻي پريا ڪماري کي بازياب ناهي ڪرايو ويو احتجاجي مرحلي جي سرواڻي ڪندڙ ڊاڪٽر نذير کوکر مغوي اسلام سومرو جي والد محمد پريل سومرو،مخدوم بلاول،روشن لغاري، عطا محمد ڀٽو ۽ ٻين ٻڌايو ته سنڌ جي مظلوم ماڻهن جي احتجاجن جو نوٽيس نه ٿو ورتو وڃي .