لاهور ( م ڊ ) پيٽرول جي قيمت ۾ 36 رپيا ۽ هائي اسپيڊ ڊيزل جي قيميت ۾ 19 رپيا گهٽائي جو امڪان آهي، پيٽرول جي ايڪس ريفائنري قيمت 36 رپيا گهٽ ٿي 206 رپيا في ليٽر ٿي وئي جڏهن ته ڊيزل جي ايڪس ريفائنري قيمت به 19 رپيا گهٽ ٿي 233 رپيا ٿي وئي آهي. عالمي منڊي ۾ پيٽرول جي قيمت ۾10 ڊالر لاٿ کانپوءِ 104 ڊالر في بيرل تي اچي وئي آهي، جڏهن ته ڊيزل جي قيمت 8 ڊالر گهٽ ٿي 118 ڊالر في بيرل ٿي وئي آهي. معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني روپئي جي ملهه ۾ مسلسل بهتري سبب پيٽروليم شين جا اگهه گهٽجڻ جو امڪان آهي.
ڪراچي مان غيرقانوني افغان شهرين جي روانگي جاري
ڪراچي (اي پي پي) پاڪستان ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل پرڏيهين کي 31 آڪٽوبر تائين رضاڪاراڻي طور تي ملڪ ڇڏڻ جي مهلت ڏيڻ جي حڪومتي اعلان بعد ڪراچي مان افغان شهرين جي روانگي شروع ٿي وئي آهي. پوليس اختيارين موجب، غيرقانوني طور تي ترسيل افغان شهري سهراب ڳوٺ، سپر هاءِ وي افغان بستي، ڪوچي ڪئمپ ۽ اتحاد ٽائون سوڌو مختلف علائقن مان پنهنجي آبائي وطن روانا ٿي رهيا آهن. سهراب ڳوٺ ۽ سعيد آباد بس ٽرمينلز تي اڄڪلهه افغان شهري وڏي تعداد ۾ نظر اچن ٿا. هڪ ٽرانسپورٽ ڪمپني جي مئنيجر حاجي محمد خان جو چوڻ آهي ته ڪراچي مان تقريبن 8 بسون روزانو 600 سئو غيرقانوني طور ترسيل افغانين کي کڻي چمن لاءِ روانيون ٿين ٿيون جڏهن ته آچر واري ڏينهن روانگين ۾ نمايان اضافو ٿئي ٿو. ڊي آءِ جي اوڀر ڪيپٽن رٽائرڊ غلام اظفر مهيسر ٻڌايو ته سهراب ڳوٺ تي واقع بسن اڏن تي پوليس جي اضافي نفري مقرر ڪئي وئي آهي جيڪا افغان شهرين جي چرپر مانيٽر ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهي. حڪومت 3 آڪٽوبر تي ايپڪس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ سڀني غيرقانوني طور تي ترسيل افغانين کي ملڪ ڇڏڻ لاءِ 31 آڪٽوبر جي آخري تاريخ مقرر ڪئي هئي جنهن کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ غيرقانوني طور تي ترسيل غيرملڪين خلاف ڪريڪ ڊائون ڪيو ويندو.
مهانگائي شرح وڌي وئي، ڪڪڙ، آنا ۽ٽماٽا مهانگا
اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ جاري مهانگائي جا وار رڪجي نه سگهيا. وڌندڙ مهانگائي جي شرح 38.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي، هڪ هفتي دوران 17 عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل رپورٽ موجب هلندڙ هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ 0.30 سيڪڙو جو اضافو ٿيو جنهن سبب گڏيل شرح 38.28 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ هفتي دوران ٽماٽا في ڪلو 7 روپيه مهانگا ٿيا. آنن جي في درجن قيمت ۾ 10 روپين جو اضافو ٿيو. 800 گرام لوڻ جي پيڪيٽ جي قيمت ۾ 3 روپيه، ٿوم جي في ڪلو قيمت ۾ 5 روپين جو اضافو ٿيو. هڪ هفتي دوران ڪڪڙ، گوشت، پٽاٽا ۽ بصر جون قيمتون به وڌي ويون. هڪ هفتي دوران 17 عام واهپي جي شين جي قيمتن ۾ لاٿ ڏٺي وئي. کنڊ جي في ڪلو قيمت 7 روپيه گهٽ ٿي، چڻن جي دال 5 روپيه، مڱن جي دال 7 روپيه، ماش دال 8 روپيه في ڪلو سستي ٿي. زنده ڪڪڙ جي قيمت ۾ 6 روپيه ۽ چانورن جي في ڪلو قيمت ۾ 2 روپيه گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف هلندڙ هفتي 17 شين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو آهي.
چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جون ضمانتون ضبط ڪرائينداسين: احسن اقبال
نارووال (م ڊ) مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ احسن اقبال چيو آهي ته عام چونڊن ۾ پي ٽي آءِ جون ضمانتون ضبط ڪرائينداسين. اڳوڻي منصوبه بندي واري وزير ۽ ليگي اڳواڻ نارووال ۾ ورڪرز ڪنوينشن ۾ خطاب ڪندي چيو ته 9 مئي تي جيڪو پي ٽي آءِ فوج تي حملو ڪيو، مان پاڪستاني قوم کي سلام پيش ڪرڻ چاهيان ٿو جنهن انهي سازش کي ناڪام بنائي ايٽمي پروگرام کي بچائي ورتو. هن چيو ته ايندڙ چونڊن جو ميدان جڏهن سجندو تڏهن اسان پي ٽي آءِ جون ضمانتون ضبط ڪرائينداسين. هي پاڪستان جي رياست تان وڏو بت هٽائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته قوم اهڙن بتن کي تباهه ڪري ڇڏيندي آهي. اسان کي سڀني کان پهريان پاڪستان آهي. پاڪستان آهي ته اسين آهيون، اسان وزيراعظم بڻجون يا نه بڻجون، پاڪستان هميشه رهندو.