اسلام آباد ( عوامي آواز نيوز ) نوازشريف جو خاص جهاز 21 آڪٽوبر تي اسلام آباد هوائي اڏي تي لهندو، نامياري صحافي عمران وسيم جو چوڻ آهي ته اسلام آباد هوائي اڏي تي جهاز لهڻ بابت مختلف اڳڪٿيون ۽ افواهه پکيڙيا پيا وڃن، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف سان اٽڪل 150 شخصيتون جهاز ۾ اينديون، جن ۾ (ن) ليگ اڳواڻ ۽ ميڊيا جا ماڻهون به شامل آهن ، ان ڪري صرف اميگريشن ڪليئرنس لاءِ جهاز اسلام آباد هوائي اڏي تي لهندو۽ ڪليئرنس بعد لاهور هوائي اڏي تي اچي لهندو، ان ڪري اجايون اڳڪٿيون ۽ افواهه اجايا آهن