حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ سجاڳي فورم پاران عرفان زھراڻي سميت ٻين قومي ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ نيشنل ھاءِ وي حيدرآباد تي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو، ڌرڻي ۾ وڏي انگ ۾ قومپرست ڪارڪنن توڙي عورتن شرڪت ڪئي، جيڪي کنڀي گم ڪيل عرفان زھراڻي سميت ٻين قومي ڪارڪنن جي بازيابي جي لاءِ نعريبازي ڪندا رھيا، ڌرڻي جو اطلاع ملندي ئي وڏي انگ ۾ پوليس نفري ڌرڻي واري جاءِ تي پھچي وئي ۽ پوليس ڌرڻو ختم ڪرائڻ جي لاءِ ڪارڪنن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي تھ پوليس اھلڪارن ۽ قومپرست ڪارڪنن وچ ۾ چڪريون ٿيون، جنھن دوران پوليس اھلڪارن لٺبازي پڻ ڪئي. ڌرڻي جي اڳواڻي سنڌ سجاڳي فورم جو صدر سارنگ جويو، آزادي جويو، جسقم جو سينيئر اڳواڻ سرفراز ميمڻ، جانب وساڻ، شاگرد سڀا جو اڳواڻ غني امان چانڊيو ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. ان موقعي تي اڳواڻن صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته پوليس اھلڪارن اسان جي پرامن احتجاج مٿان لٺبازي ڪري قومي ڪارڪنن سميت ڌرڻي ۾ شامل عورتن مٿان بھ تشدد ڪيو آھي، پرامن ڪارڪنن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ھنن چيو تھ ڪيترن ئي مھينن تائين گم رھندڙ قومي ڪارڪن عرفان زھراڻي کي جيل مان آزاد ٿيڻ بعد جيل ٻاھران ٻيھر کنڀي گم ڪيو ويو آھي، ان دوران عرفان زھراڻي جو ڪيس وڙھندڙ وڪيل ايڊووڪيٽ محب آزاد لغاري بھ گم ڪيو ويو ھو، جنھن کي سڄي رات گم ڪري رکڻ بعد ڪالھھ صبح جو آزاد ڪيو ويو، پر عرفان زھراڻي جو اڃا تائين ڪو بھ پتو نھ پئجي سگھيو آھي. ھنن چيو ته عرفان زھراڻي سميت سنڌ جا ڪيترائي قومي ڪارڪن کنڀي گم ڪيا ويا آھن، جن جي ڪٿي بھ گرفتاري ظاھر ناھي ڪئي وئي، گم ڪيل ماڻھن جا وارث پريشان آھن ته سندن نوجوان آخر ڪٿي آھن.
ملير (رپورٽ: جميل چانڊيو) عرفان زهراڻي جي گرفتاري خلاف وارثن ۽ شهرين قومي شاهراهه بند ڪري ڇڏي،عرفان جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پنجاب جي علائقي رحيم يار خان پوليس پاران قومي ڪارڪن عرفان زهراڻي کي عدالت پاران گذريل ڏينهن آزاد ڪرڻ جي حڪم بعد عدالت جي حدن مان عرفان ۽ سندس وڪيل کي گرفتار ڪرڻ واري عمل خلاف جمعي ۽ ڇنڇر واري رات دير سان وارثن گهگهر ڦاٽڪ ۾ قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جيڪو جاري آهي، ڌرڻي ۾ عرفان جي وارثن، والده ريشما، ڀيڻن ۽ عزيزن سميت ملير جي سياسي سماجي اڳواڻن ۽ قومي ڪارڪنن شرڪت ڪئي. احتجاج سبب گذريل 24 ڪلاڪن کان ڪراچي ٺٽي، بدين سميت لاڙ ۽ حيدرآباد ويندڙ ٽريفڪ بلاڪ ٿي آهي. جڏهن ته پورٽ قاسم انڊسٽريل زون کان ويندڙ ڪارگو سروس مڪمل بند آهي. انتظاميه ۽ عرفان جي وارثن پاران هلندڙ ڳالهيون ڪامياب نه ٿي سگهيون وارثن پاران عرفان زهراڻي جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رکڻ جو اعلان ڪيو آهي. ياد رهي ته عرفان زهراڻي پنهنجي جبري گم ٿيل پيءُ پٺاڻ خان زهراڻي جي آزادي لاءِ سڄي سنڌ اندر مارچ، احتجاج ۽ ڌرڻا ڏنا هئا جنهن بعد عرفان زهراڻي کي 8 مهينا اڳ جبري طور گم ڪيو ويو جنهن کي 3 مهينا اڳ پنجاب جي رحيم يار خان پوليس پاران ظاهر ڪيو ويو ۽ عدالت ۾ مٿس منشيات جو ڪيس مڙهيو ويو جنهن تي عدالت گذريل ڏينهن عرفان خلاف ثبوت نه ثابت ٿيڻ تي آزادي جو حڪم ڏنو آزاد ٿيندي ئي عرفان زهراڻي کي عدالت جي حدن مان هڪ دفعو ٻيهر گرفتار ڪيو ويو آهي.