لاهور(عوامي آواز نيوز) لاهور هاءِ ڪورٽ جي هڪ حاضر سروس جج هڪ ئي ڏينهن ۾ ڪروڙين رپيا گڏ ڪري ورتا، لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج جي پٽ جي رسم حنا ۾ ئي ڪروڙين رپين جي سلامي ملي آهي، معظم فخر چيو آهي ته اها تقريب 12 آڪٽوبر تي ڪوٺائي وئي، ان تقريب جون وڊيوز۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿيل آهن، ڪيترن ئي ماڻهن نوٽن جون گڊيون اتي نڇاور ڪيون، لکين ڪروڙين رپيا فرش تي پيل هئا، هن چيو ته فوجي ڀڳوڙي ميجر عادل راجا پنهنجي ٽوئيٽر اڪائونٽ تي لکيو آهي ته 408 انٽيليجنس بٽالين ميجر جنرل فيصل نصير ،ڊي جي سي آءِ ايس آءِ عرف ڊرٽي هيري بابت رپورٽن جي جاچ ڪري جنهن ۾ سنڌ بلوچستان جي سياستدانن سميت ڪالعدم تنظيمن جي دهشتگرد جهڙي شفيق مينگل(لشڪر جهنگوي پاڪستان) کي ڊرٽي هيري جي پٽ جي وليمي تي ڪوئيٽا ۾ دعوت ڏني وئي ۽ هن کان وڏي رقم ۽ قيمتي هيرن جون سوکڙيون وصول ڪيون ويون، هوڏانهن ٽوئيٽر تي شفيق احمد ايڊووڪيٽ لکيو ته اها وڊيو پرويز الاهي جي انتهائي ويجهي دوست ۽ هن جون ضمانتون وٺڻ ۾ مشهور لاهور هاءِ ڪورٽ جي جج اسد گهيرال جي پٽ عبدالله اسجد گهيرال جي شادي جي آهي، ن ليگ اڳواڻ کيئل داس ڪوهستاني لکيو ته چوڌري پرويز الاهي جي لاهور هاءِ ڪورٽ مان درجنين ضمانتن ۽ مونس الاهي سان لنڊن ۾ ملاقات جو سبب رڳو اهو ئي هو