غزا(م ڊ) اسرائيل غزا تي زميني حملا به شروع ڪري ڏنا، اسرائيلي فوجي جٿا ٽينڪن جي مدد سان غزا جي علائقي ۾ داخل ٿي ويااسرائيلي ميڊيا موجب فوج کي غزاکي حماس پاران يرغمال بڻايل ڪيترن ئي اسرائيلي شهرين جا لاش مليا آهن، غزه مان لڏپلاڻ ڪندڙ فلسطينين جي ٽن قافلن تي اسرائيلي جهازن جي بمباري ۾ وڌيڪ 70 فلسطيني شهيد ۽ سوين زخمي ٿي پيا،اولهندي پٽيءَ ۾ غزه واسين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ڪيل مظاهري تي اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۾ 16 ڄڻا مارجي ويا، لبناني سرحد تي به اسرائيلي فوج جي فائرنگ ۽ گولا باري ۾ هڪ صحافي مارجي ويو ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، اسرائيلي فورسز جي حملن ۾ شهيد ٿيل فلسطينين جو انگ 2 هزار کان وڌي ويو، حماس جي حملن ۾ 13 سئو اسرائيلي به مارجي چڪا آهن،گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس غزه مان فلسطينين کي ڪڍڻ لاءِ اسرائيل جي الٽي ميٽم کي خطرناڪ ۽ خطرناڪ قرار ڏنو آهي.اسرائيل فلسطينين کي 24 ڪلاڪن ۾ غزا خالي ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته فلسطينين اسرائيلي الٽي ميٽم کي رد ڪندي پنهنجي سرزمين ڇڏڻ کان صاف انڪار ڪري ڇڏيو آهي.انتونيو گوتريس جو چوڻ آهي ته انخلا جو حڪم گهٽ ۾ گهٽ 11 لک فلسطينين تي لاڳو ٿيندو، متاثر علائقا اڳ ئي اسرائيلي محاصري ۽ بمباري هيٺ آهن، متاثر فلسطيني علائقا تيل، بجلي، پاڻي ۽ خوراڪ کان به محروم آهن.اسرائيلي فوج پاران غزا ۾ وڌيڪ ڪاررواين جي خبرداري کانپوءِ هزارين فلسطيني ڏکڻ غزا طرف وڌي رهيا آهن، جڏهن ته اسرائيلي هوائي ڪارروايون به جاري آهن، پر ماڻهن جي نيڪالي لاءِ ٻه رستا کولڻ جو اعلان ڪيو آهي.فلسطين جي صحت واري وزارت جو چوڻ آهي ته غزا ۾ گذريل هفتي اسرائيل طرفان شروع ڪيل آپريشنز ۾ هينئر تائين 724 ٻارن سميت 2 هزار 215 ماڻهو مارجي ويا آهن.بيان ۾ چيو ويو ته فوتين ۾ 458 عورتون به شامل آهن، 8 هزار 714 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ان کان اڳ بيان ۾ چيو ويو هو ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 324 ڄڻا فوت ٿي ويا آهن.ڏکڻ غزاجي علائقي خان يونس ۾ 45 سالن جي شهري عياد ابو موتلڪ چيو آهي ته هر طرف بجلي، کاڌي پيتي ۽ خوراڪ جو بحران آهي، هڪ بحران آهي، جتي هزارين شهري خوف سبب اتر طرف منتقل ٿي رهيا آهن. خان يونس جي هڪ رهواسي ٻڌايو ته مان ٻارن لاءِ بنيادي کاڌي پيتي جون شيون، انڊا، چانور ۽ کير ڳولي رهيو هوس پر ڪجهه به نه ملي سگهيو.هن چيو ته اسرائيل اسان جي ٻارن کي بک وگهي مرڻ لاءِ اسان سان جنگ ڪري رهيو آهي، هو يا ته بمباري ڪري ٻارن کي ماري رهيا آهن يا ته هو تمام جلد بک وگهي مري ويندا.ٻئي طرف حماس رت جي آخري قطري تائين وڙهڻ جو عزم ڪيو ۽ اتر غزا جي رهواسين کي چيو ته هو جتي آهن اتي ئي رهن.