جماعت اسلامي پاران اڄ فلسطينين جي حمايت ۾ مارچ رٿيل

ڪراچي (رپورٽر)جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي سٽي ڪورٽ ۾ ڪراچي بارجي عهدايدارن کان ملاقات  ڪئي .حافظ نعيم الرحمان جي وڪيلن کي اڄ فلسطين جي احتجاج ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني آهي .ملاقات کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان چيو ته وڪيلن اسان جي دعوت قبول ڪئي آهي اڄ شاهراهه فيصل تي فلسطين جي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويندو . هن وقت او آءِسي هڪ مذاق بڻجي وئي آهي،هن چيو ته حماس اسرائيل کي سبق ڏنو آهي .روس ۽ چائناسميت ٻين ملڪن اسرائيل جي مخالفت ڪئي آهي .ڪراچي بار جي صدر عامر سليم چيو آهي ته اسان دل فلسطين سان گڏ آهي،جڏهن ته فلسطيني عوام سان اظهاريڪجهي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف جماعت اسلامي پاران آچر 15 آڪٽوبرتي اڄ ڪراچي ۾ شاهراه فيصل تي لبيڪ يا اقصى مارچ ٿيندو.سنڌ جي ترجمان مجاهد چنا موجب مرڪزي امير سراج الحق، محمد حسين محنتي،حافظ نعيم الرحمان سميت ٻيا اڳواڻ پڻ خطاب ڪندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.