تربت ۾ فائرنگ، هڪ ئي ڪٽنب جي چئن ڀاتين سميت 6 پورهيت قتل

تربت (م ڊ )  تربت جي علائقي سيٽلائيٽ ٽائون ۾ گهر اندر فائرنگ جي نتيجي ۾ 6 پورهيت مارجي ويا ۽ 2 زخمي ٿي پيا آهن. پوليس موجب مارجي ويلن جا لاش  ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته تربت ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جي سڃاڻپ رضوان، شهباز، وسيم، شفيق احمد، محمد نعيم ۽ سڪندر طور ٿي آهي جڏهن ته زخمين ۾ غلام مصطفيٰ ۽ توحيد شامل آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ۽ زخمي تربت ۾ مزدوري لاءِ آيا هئا. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدارن جي ڳولا جاري آهي. پوليس اختيارين موجب تربت ۾ فائرنگ جي نتيجي ۾ مارجي ويل 6 ڄڻن مان 4 جو تعلق هڪ ئي خاندان سان آهي، مارجي ويلن ۾ 2 ڀائر، هڪ سئوٽ ۽ هڪ چاچو شامل آهن. بلوچستان جي وڏي وزير علي مردان ڊومڪي تربت ۾ فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کان جاچ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.