تربت ۾ بي گناهه  قتل ڪندڙن جو ڪو به مذهب ناهي: مقبول باقر

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏو وزير جسٽس (ر) مقبول باقر تربت ۾ دهشتگردي جي واقعي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته 6 بي گناه مزدورن جي رت واهڻ وارن جو ڪو به مذهب ناهي. جاري ڪيل پڌرائي مطابق نگران وڏي وزير جسٽس مقبول باقر چيو آهي ته اهڙا ماڻهو مسلمان ڇا انسان چوڻ جا به مستحق ناهن. هن فوت ٿيل جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سوگوارن سان تعزيت جو اظهار ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.