ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري تربت ۾ 6 مزدورن جي قتل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بي گناه مزدورن جو قتل بربريت آهي ۽ دهشتگردي آهي، ان ۾ جيڪو به ملوث آهي، فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي. بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري چيو ته واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي، حقيقت مان عوام کي آگاهه ڪيو وڃي. متاثر خاندانن جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهيان، الله تعالي انهن کي صبر جميل عطا فرمائي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي متاثر خاندانن سان گڏ آهي. هن چيو ته واقعي ۾ زخمي ٿيل 2 مزدورن جي بهتر علاج کي يقيني بڻايو وڃي.