نگران وزيراعظم پاران تربت واقعي جي مذمت

اسلام آباد(م ڊ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ تربيت ۾ معصوم پورهيتن تي دهشتگردي حملي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگردي خلاف قوم متحد آهي، هوڏانهن نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز احمد بگٽي بلوچستان جي شهر تربت ۾ 6 مزدورن کي قتل ڪرڻ جي افسوسناڪ واقعي جي شديد مذمت ڪئي آهي. گذريل ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن سوڳوار خاندانن سان تعزيت ۽ دلي همدردي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته نه ڪنهن بلوچ ۽ نه ئي ڪنهن پنجابي جي پر دهشتگردن پاڪستانين کي شهيد ڪيو آهي. هن چيو ته رياست مظلومن سان گڏ آهي ۽ ناحق رت وهائيندڙن کي ڪڏهن به معاف نه ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.