چڪ، پنوعاقل(رپورٽ: : نواب الدين مھر+ رستم انڍڙ) ڪچي جي علائقي ۾ ڪوش برادري جي ٻن ڌرين ۾ تڪرار تان ٻن عورتن سميت 5 ڄڻا قتل ٿي ويا. محمد آباغ جي ڪچي واري علائقي جي ڳوٺ منظور شاهه جي گهر پنهنجا ۾ ڀيو ڪوش ۽ الياس ڪوش جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. ٻنهي ڌرين جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڀيو ڪوش جي ڌر جا عبدالغني، غلام مصطفي، علي شير ۽ ٻه عورتون سبحان خاتون ۽ بشيران خاتون قتل ٿي ويون جڏهن ته فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻيل رهيو واضح رهي ته ٽن سالن کان ٻنهي ڌرين ۾ گهٽيء جي لنگهه تان جهيڙو هلندڙ تڪرار ۾ ٻنهي ڌرين جا هيل تائين ڏهه ماڻهون قتل ٿي چڪا آهن جڏهن ته واقعي بعد لاش خانپور اسپتال منتقل ڪيا جتان پوسٽ کان پوء وارثن حوالي ڪيا ويا واقعي بعد ڌريون مورچابند ٿي وڃڻ ڪري علائقي ۾ ڏهڪاء واري صورتحال ڇائنجي وئي آهي. محمدآباغ ۽ ڪوٽ شاهو پوليس حد بندي جو جواز ڄاڻائي آخري اطلاعن تائين واقعي واري هنڌ نه پھتي. جنهن ڪري مقتولن جا مڙهه اڍائي ڪلاڪ واقعي واري ھنڌ پيل رهيا جنهن بعد ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ٻنهي عورتن سميت پنج ئي لاش گڏهه گاڏن تي کڻائي خانپور اسپتال پھچايا جتان پوسٽ مارٽم بعد مڙھ وارثن حوالي ڪيا ويا جيڪي گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو.