ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر آءِ جي سنڌ رفعت مختار سميت سمورن عملدارن کي ٿاڻن جي انسپيڪشن يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، جاري ڪيل بيان ۾ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ٿاڻن جي انسپيڪشن سسٽم لاءِ آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪندي چيو ته هر ڊي ايس پي کي 15 ڏينهن ۾ پنهنجي ٿاڻن جو معائنو ڪرڻو پوندو ۽ ايس پي هر مهيني ٿاڻن جي معائني کي يقيني بڻائي. سندس چوڻ هو ته ايس ايس پي هر ٽن مهينن بعد ٿاڻن جي معائني کي يقيني بڻائن ۽ ڊي آءِ جي به هر ٽن مهينن کانپوءِ ٿاڻن جو معائنو ڪن. نگران وڏي وزير چيو ته ايڊيشنل آءِ جي هر ڇهن مهينن بعد ٿاڻن جو معائنو ڪري جڏهن ته آءِ جي پوليس به سال ۾ 2 ڀيرا ٿاڻن جو معائنو ڪري. هن چيو ته لاڳاپيل اسسٽنٽ ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ڪمشنر به ٿاڻن جو دورو ڪن، معائني دوران رڪارڊ جي جاچ ڪئي وڃي. نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر چيو ته غفلت جي نشاندهي تي لاڳاپيل اختيارين خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ معائني جي رپورٽ وڏي وزير ڏانهن موڪلي وڃي