سي ٽي ڊي پوليس جي ڪارروائي، ٻٽي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار

ڪراچي (رپورٽر ) سي ٽي ڊي پوليس سرجاڻي  ٽائون جي علائقي بلال ڪالوني فور ڪي چورنگي وٽ ڪارروائي ڪندي ٻٽي قتل ۾ ملوث ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي پوليس ڪارروائي ڪندي ايم ڪيو ايم لنڊن سان تعلق رکندڙ جوابدار محمد دانش عرف ڪالو عرف منصوري پٽ عبدالستار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سي ٽي ڊي پوليس جي دعويٰ آهي ته گرفتار جوابدار ٻٽي قتل ۾ ملوث آهي. جاچ دوران گرفتار جوابدار انڪشاف ڪيو ته 2014ع ۾ لياري سيڪٽر مان مليل هدايتن تي لياري گينگ وار سان تعلق رکندڙ ٻن ڄڻن عبدالوحيد عرف ڪالو ۽ دانش اڇي کي گوليون هڻي قتل ڪيو هو. سي ٽي ڊي موجب واقعي جو ڪيس نيو ڪراچي انڊسٽريل ايريا ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ جوابدار مفرور هو. سي ٽي ڊي پوليس موجب گرفتار جوابدار گرفتاري جي خوف کان حيدرآباد هليو ويو هو ۽ ڪجهه وقت کانپوءِ واپس آيو ته کيس گرفتار ڪيو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.