ٺٽي واسي مسيحي ڌاڙيلن وٽ قيد، سنڌ واسين کي نڌڻڪو ڇڏيو ويو آهي: ذوالفقار جونيئر

ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) پ پ پ شھيد ڀٽو جي اڳواڻ شھيد مير مرتضي ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو آھي تہ سڄي سنڌ اغوا انڊسٽري بڻجي  چڪي آھي نہ رڳو ڪچي مان پر پوري سنڌ مان ماڻھو اغوا ٿي رهيا آھن جيڪا خطرناڪ صورتحال آھي. ھن اھي ڳالھيون ٺٽي پھچي ھڪ مهينو اڳ اغوا ٿي ويل ٺٽي واسي نوجوان عرفان مسيح جي وارثن پاران ٺٽي ۾ قائم ڪيل علامتي بک ھڙتالي ڪئمپ تي اغوا ٿي ويل عرفان مسيح جي وارثن ۽ ان جي والده سان همدردي جو اظھار ڪندي ڪيون. جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو وڌيڪ چيو تہ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خطرناڪ حد تائين بگڙجي چڪي آھي، هاڻي تہ هتي انسانن جون وڪري لاءِ منڊ يون لڳي رهيون آھن، پر حڪومت متاثر ماڻھن ۽ اغوا ٿيلن جي مدد ڪرڻ لاء تيار نہ آھي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو چيو تہ اسان سمجهندا هئاسين تہ صرف اتر سنڌ جي ڪچي مان ماڻھو اغوا پيا ٿين پر هاڻي تہ ٺٽي سجاول بدين مطلب تہ پوري سنڌ مان اغوا جون وارداتون ٿي رهيون آھن. ھن چيو تہ اغوا هڪ ڪاروبار بڻجي چڪو آھي، حڪومت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي سڀ خبر آھي تہ اغوا ڪندڙ ۽ انهن جي سرپرستي ڪندڙ ڪير آھن ۽ ڪٿي ٿا رهن پر افسوسناڪ صورتحال آھي جو سنڌ جي ماڻهن کي ننڌڻڪو ڇڏيو ويو آھي. ھن چيو تہ اسان اغوا ٿي ويل عرفان مسيح جي وارثن سان گڏ آھيون ۽ کين ڪنھن بہ صورت ۾ اڪيلو نہ ڇڏينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.