ڀارتي مسافر جهاز جي جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي هنگامي لينڊنگ

اسلام آباد(م ڊ) ڀارتي اڏام ايڪسپريس انڊيا جو مسافر جهاز ڪالهه جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي طبي بنيادن تي هنگامي لينڊنگ ڪئي، پاڪستان سول ايوي ايشن  اٿارٽي (پي سي اي اي) جي ترجمان سول ايوي ايشن اٿارٽي جي آفيشل سوشل ميڊيا پليٽ فارم (ايڪس) ٽوئيٽر تي جاري هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته ايڪسپريس انڊيا جي اڏام دبئي کان امرتسر وڃي رهي هئي جنهن 11 لڳي 47 منٽن تي ميڊيڪل هنگامي لينڊنگ جي اجازت طلب ڪئي، پاڪستان سول ايوي ايشن اٿارٽي طرفان اجازت ملڻ تي 12 لڳي 20 منٽن تي ڀارتي مسافر جهاز جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي طبي بنيادن تي هنگامي لينڊنگ ڪئي آهي

اعجاز چوڌري سميت 152 جوابدارن جي جڊيشنل رمانڊ ۾ واڌ

لاهور (م ڊ) لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج عبهر گل خان 9 مئي جناح هائوس حملي جي الزام ۾ داخل ڪيس ۾ گرفتار پي ٽي آءِ جي اڳواڻن سينيٽر اعجاز چوڌري، اڳوڻي گورنر عمر سرفراز چيمه ۽ ميان محمود الرشيد سميت 152 جوابدارن جي جوڊيشنل ريمانڊ ۾ 28 آڪٽوبر تائين توسيع ڪري ڇڏي، جوابدارن تي سرور روڊ ٿاڻي ۾ جناح هائوس تي حملي جو ڪيس داخل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.