ڄامشوري ۾ افغانين جون ڪالونيون ٺهيل آهن: مهر ڊٻائي

ڪوٽڙي (ن ع آ)افغانين جي نيڪالي کي يقيني بڻايو وڃي اسان اڳ ئي چيو هو ته افغاني سنڌ مٿان بار آهن حڪومت جو فيصلو  سنڌين مٿان ٿورو ناهي پر هو پاڻ اچي ڦاٿا آهن لکين افغانين جا ڪارڊ ٺهي چڪا آهن انهن کي واپس موڪليو وڃي اڄ سيوهڻ۾ افغانين خلاف تاريخي احتجاج ڪنداسين، اهڙو اظهار سنڌ عوامي سٿ جي چيئرمين قومي شاعر مهر ڊٻائي ڪوٽڙي ۾ ڳالهيون ڪندي ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته نيب چيئرمين ٻه سال اڳ اعتراف ڪري چڪو آهي ته  40 لک کان وڌيڪ عير ملڪين جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهي چڪا آهن پر اسين چئون ٿا هڪ ڪروڙ ٺهي چڪا آهن انهن کي ڪڍڻ حڪومت جي ذميواري آهي حڪومت اعلان باوجود اها ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ آپريشن ناهي ٿيو ڄامشورو ۾ افغانين جون ڪالونيون ٺهيل آهن پر ڪا به ڪاروائي ٿيندي نظر نٿي اچي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.