ورلڊ ڪپ ۾ هارائڻ جي روايت برقرار، ڀارت اٺون ڀيرو به ڪامياب

احمد آباد (م ڊ) آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ جي سڀ کان وڏي دنگل ۾ ڀارت پاڪستان کي ستن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. پاڪستان طرفان مليل 192 رنسن جو هدف ڀارت 31 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي پورو ڪري ورتو.  ڀارتي ڪپتان روهت شرما 86 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن  ه شُڀمَن گِل، ويرات ڪوهلي 16.16 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. شيرياس ايئر 53 ۽ ڪي ايل راهول 19 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي.پاڪستان طرفان شاهين آفريدي ٻه ۽ حسن علي هڪ وڪيٽ ورتي. احمد آباد جي نريندي مودي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڀارت ٽاس کٽي پهريان فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو . ڀارت خلاف پاڪستان جي بيٽنگ لائين بُري طرح فلاپ ٿي وئي ۽ پوري ٽيم 42 هين اوور ۾ 191 رنسن تي ڍير ٿي وئي. ڀارت طرفان جسپريت بمرا، ڪُلديپ ياديو، رويندر جاڙيجا، هاردِڪ پانڊيا ۽ محمد سراج ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون. شاندار بالنگ تي جسپريت بمرا کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.