هن ڪائنات جي تاريخ ۾ سڀ کان افضل ۽ اعلي رات، ڏينهن تاريخ ۽ مهينو اهو هو، جنهن ۾ الله سائين محسن ڪائنات، هادي دوجهان، خاتم النبين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم کي پيدا ڪيو. بهار جي مند هئي، سومر جي رات، 12 ربيع الاول 571ع صبح صادق جو سندن دنيا ۾ تشريف آوري ٿي.
روءِ زمين ۾ خاتم النبين پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم اها واحد ڪامل اڪمل هستي هئا، جن جي زندگي ۾ عالم انسانيت جي مڪمل رهنمائي آهي. هن جو ڪردار قيامت تائين اچڻ وارن سڀني انسانن ۽ زمانن لاءِ نمونو آهي.
هن ڪائنات جي تاريخ ۾ ڪوبه اهڙو ليڊر نٿو ملي، جنهن جي ولادت کان وفات تائين هن جا مڪمل حالات زندگي هن جا انداز، اطوار، اخلاق ۽ عادتون، فڪر ۽ فرمان سڀ عملي زندگي ۾ ملن يا تحريري شڪل ۾ محفوظ هجن. اها ذات اقدس صرف ۽ صرف خاتم النبين پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي آهي جنهن جي هر ادا مڪمل ۽ محفوظ آهي.اهي ڀاگ ڀريا انسان هئا جن ايمان ۽ انصاف جي اک سان هن دلبر جو ديدار ڪري بي ساخته چيو ته
"واحسن منک لم ترقط عینی واجمل منک لم تلد النساء
خلقت مبراً من کل عیب کانک قد خلقت کما تشاء”
(حضرت حسان رضي الله عنه)
منهن جن اکڙين اڄ تائين اوهان جهڙو ڪو حسن دلربا ڏٺو ڪونهي،اوهان جهڙو ڪو ٻار ڪنهن ماءُ جي آغوش ۾ آيو ڪونهي ، لڳي ٿو ته اوهان کي الله سائين اوهان جي مرضي مطابق خلقي مخلوق ڏانهن موڪليوآهي.
مسجد نبوي جي صحن ۾ حضرت جابر رضه ڪنهن مهل آسمان ڏانهن نگاهه ٿو ڪري ته چوڏهين جو چنڊ جيڪو پنهنجي جوڀن جا جلوا پيو ڏيکاري، وري سامهون ٻنهي جهانن جي سردار جي سونهن جو شعائون آهن ٻنهي جي حسن کي ڏسي، خدا جو قسم کڻي چيائين ته سوين سج چنڊ هڪ طرف هجن پر يا رسول الله صلي الله عليه وسلم اوهان جي چهري انور جو مقابلو ڪري نٿا سگهن. قصيده برده جي بزرگ علامه بوصيري جي روح رڙڪئي ته
"ابان م مولدھ عن طیب عنصرھ
یا طیب مبتد ا منھ و مختشم”
نه اڄ تائين دنيا ۾ اوهان جهڙي ولادت ٿي نڪين ڪو اوهان جي ابتدا سان رسندو نڪين انتها سان. ساڳيءَ گس جي راهي علامه عبدالغفور همايوني جو جڏهن بخت بيدار ٿيو جڏهن خواب خمار مان بيدار ٿيو ته چيائين
” اي ماه لقا محبوب مٺا
تنهنجي ناز ادا تان جان فدا
ٿيا دامنگير، امير گدا
سلطان هزارين، مانه رڳو”
نولکي گودڙي جي تاجدار مخدوم سرور نوح جي خاندان جي چشم چراغ مخدوم طالب المولي جن چيو ته سج ۽ چنڊ جي روشني کي گهڻي بقا نه اهي عارضي چنڊ جي چمڪاٽ سان محبوب کي مشابهت ڏيڻ ڏوهه آهي.
"ڪٿي منهن محمد جو، ڪٿي مهتاب
هڪڙو چمڪي رات جو، ٻيو ڏينهن جو تاب
هنن جو حساب، پر سڄڻ سدائين سوجهرو”
پاڻ سڳورا صلي الله عليه وسلم ٻنهيءَ جهانن جا سردار هوندي به مزاج مبارڪ ۾ سادگيءَ جي انتها هئي، عام ماڻهن سان گڏ جي ويهڻ، کائڻ، محفل ۾ ڪا الڳ نمايان جڳهه، نه ملاقات لاءِ ڪو به وقت مقرر، نه ملاقات لاءِ ڪا اجازت وٺڻي، نڪا روڪ ٽوڪ، هوندي هئي، خاتم النبين پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جون عادتون دنيا جي ليڊرن کان بنهه مختلف رهيون آهن مسجد نبوي جي تعميراتي ڪم ۾ پاڻ خود مهاجرين۽ انصارن سان گڏ مزدوري ڪرڻ فرمايائون، غزوه خندق جي کوٽائي وقت پيٽ تي پٿر ٻڌي مجاهدن جي ليبر سان گڏ کوٽائي ۾ پيش پيش رهيا. اهڙا سوين مساوات جا مثال ڪنهن به اڳواڻ ۾ نٿا ملن.
خاتم النبين پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جو ڪردار هر لحاظ کان بي مثال رهيو آهي. اعلان نبوت کان اڳ وارا چاليهارو سالن ۾ امانت داري، ديانتداري، خوش خلقي، سچائي، جهڙين اعلي ڳڻن جي ڪارڻ پراون چيو ته اوهان جهڙو ڪو صادق، امين ڪونهي. دنيا جي تاريخ ۾ خاتم النبين پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جو عمل ۽ ڪردار، سموري زندگي هڪ آئيڊيل رهيو آهي. جيڪو هر لحاظ کان مڪمل ۽ جامع آهي.
سچائي، وعدي جي وفا، امانت داري، ديانتداري، عدل انصاف، مهمان نوازي، سخاوت، شجاعت، بردباري، سادگي، مروت، مساوات، درگزر، امن پسندي، خوش مزاجي،صفائي، ٻارڙن سان شفقت وڏن جو احترم، عورتن سان عدل، پاڙيوارن سان همدردي، حسن سلوڪ، جيت جانورن تي رحم ڪرم، مذڪوره تمام اعلي خوبين جو محور ۽ مرڪز صرف ۽ صرف ذات پاڪ خاتم النبين حضرت محمد صلي الله عليه وسلم آهن. ڇو ته اهڙا ڳڻ ۽ ڳالهيون ڪنهن هڪ انسان ۾ ملڻ نا ممڪن آهن. حقيقت ته خاتم النبين پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي اعلي اخلاق ۽ شان شايان، کي عاجز انسان جي نه زبان بيان ڪري ٿي سگهي، نه ئي قلم تحرير ڪرڻ جي لائق آهي. هن جي حقيقت کي موسي ڪليم الله جهڙي پيغمبر کي حيران ڪري ڇڏيو.
"عرش جي عزت وڌي، نعلين سان تنهنجي نبي صه
آهي حيرت ۾ وڌو، موسي ڪليم الله کي
مرتبو اعلي مليو آهي، رسول الله کي”
سعدي شيرازي، رومي، جامي، همايوني، شاهه سچل سڀ سهڻي جا ثنا گر رهيا. مفڪر اسلام علامه اقبال جي باڪمال شعرن تي اڪتفاء ٿي ڪجي.
"لوح بھی تو، قلم بھی تو، تیرا وجوداللکتاب
گنبد آبگینہ رنگ تیرے محیط میں حباب
عالم آب و خاک میں، تیرے ظہور سے فروغ
ذرہ ریگ کو دیا تونے طلوع آفتاب”
تاريخ گواهه آهي ته هيءُ امت مسلمه جيستائين خاتم النبين پاڻ سڳورن صلي الله عليه وسلم جي تعليمات ۽ طريقي تي هلندي رهي ته روحاني ترقي جون منزلون ڪندي رهي، ان وقت جيڪي دنيا جون سپر قوتون هيون ، سي هنن سادن بي سرو سامان مسلمانن جي ڏهڪاء کان ڏڪنديون هيون، ۽ ٿوري عرصي ۾ دنيا جي اڌ آبادي مٿي قابض تي فتح جو جهنڊو لهرائي ڇڏيائون.
"دی اذانیں کبھی یورپ کی کلیائوں میں
کبھی افریقہ کے تپتے صحرائوں میں”
پوءِ جيئن آهستي آهستي هن امت مسلمه جي دلين مٿان دنيا جي دز چڙهڻ شروع ٿي. مغربي تهذيب جي رنگ ۾ رنگجڻ لڳا. سڄ زوال ڏانهن وکون ورائڻ لڳو هن وقت پوري دنيا ۾ مسلمانن جي اڪثريت وارا ملڪ 57 کان مٿي آهن. مسلم آبادي تقريبن هڪ بلين کان مٿي آهي. هيڏي وڏي اڪثريت ۾ رهندي به مسلمان احساس محرومي جو شڪار آهن ۽ ڪافي غلامي وري زندگي گذاري رهيا آهن.
اهڙين حالتن ۾ زندگي جي هر شعبي سان وابسته، خاص ڪري، ديني درسگاهن ۽ درگاهن جي پيشوائن کي پنهنجو فرض نڀائڻ گهرجي ۽ پاڻ سڳورن جي سيرت جي روشني ۾ هن امت کي اختلافن مان ڪڍي، اتحاد ۽ اتفاق جو درس ڏيڻ گهرجي.