ملڪ ۾ عام چونڊن جون تياريون زور ۽ شور سان جاري آهن، ان لاءِ نئين ڊجيٽل آدمشماري جي بنياد تي نيون تڪبنديون ڪرڻ وارو سلسلو جاري آهي، ان حوالي سان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان طرفان تڪ بندين بابت پنهنجي شروعاتي فهرست پڻ جاري ڪئي وئي آهي جنهن ۾صوبن جي مقرر ٿيل قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي تڪن ۾آبادي جي بنياد تي جوڙجڪ ڪئي پئي وڃي ۽سنڌ سميت ملڪ جي سمورن صوبن ۾ سيٽن جي هڪ تعداد شهرن ڏانهن منتقل ٿيڻ واريون خبرون منظر عام تي آيون آهن. ملڪ ۾ ٿيل نئين ڊجيٽل آدمشماري 2023ع جي ڳڻپ نتيجن تي صوبن جي عددي طاقت، ووٽن جي تعداد ۽ ان مطابق قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي تڪن يا سيٽن جي تعداد اڳوڻي مقرر ٿيل تعداد کي آبادي جي نون انگن اکرن موجب ورهايو ويو آهي.اليڪشن ڪميشن جي نئين طريقيڪار موجب ملڪ جي صوبن جي آبادي جي بنياد تي ڪنهن به صوبي جي قومي يا صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي تعداد گهٽ وڌ نه ڪئي وئي آهي، اها تعداد ساڳي ئي رکي وئي آهي پر نئين ڳڻپ موجب صوبن جي آبادي کي قومي ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جي مقرر ٿيل تعداد جي حساب سان ورهايو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب، ملڪ جي جملي آبادي 24ڪروڙن کان مٿي آهي، جنهن ۾ سنڌ صوبي جي آبادي 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 61، جڏهن ته صوبائي اسيمبلي جون 130 عام جڌهن ته عورتن جي مخصوص سيٽن جي تعداد 29 ۽ غير مسلم آبادي جي سيٽن جو تعداد 9 آهي. اهڙي ريت، سنڌ اسيمبلي جي جملي سيٽن جو انگ 168 آهي، بلوچستان جي آبادي هڪ ڪروڙ 48 لک 94 هزار 402 آهي، هن صوبي جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جي تعداد 16 ۽ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 51 آهي، پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 88 هزار 922 آهي، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 141 ۽صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 297 مقرر آهن، اسلام آباد جي آبادي 23 لک 63 هزار 863 آهي، اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون آهن، اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 7 لک 87 هزار954 مقرر ڪئي وئي آهي. اهڙي ريت، ملڪ ۾ قومي اسيمبلي جون مخصوص 60 سيٽون ڌار مقرر آهن، جيڪي صوبن ۾ سندن مقرر ٿيل ڪوٽا مطابق ورهايون وينديون. ۽ ان کان علاوه پنجاب، بلوچستان ۽ خيبر پختونخواهه صوبن جون عورتن ۽ غير مسلمن لاء مخصوص سيٽن جي هڪ تعداد پڻ مقرر ٿيل آهي جيڪي سياسي جماعتن جي اسيمبلين ۾ حاصل ڪيل سيٽن جي تعداد موجب ورهايون وينديون.
ملڪ ۾تازو ٿيل ڊجيٽل آدمشماري 2023ع جي نتيجن موجب سنڌ جي ڪل آبادي 5ڪروڙ 57 لک ريڪارڊ تي آئي آهي، جنهن ۾ سنڌ جي وڏن شهرن يا شهري علائقن جي آبادي ۾ 4 سيڪڙو تائين وڏي واڌ ۽ صوبي جي ٻهراڙين وارن ضلعن ۾هڪ کان 2 سيڪڙو تائين معمولي واڌ ٿي آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ گهٽ ۾ گهٽ آبادي جي واڌ جي شرح 3 سيڪڙو آهي اهڙي ريت گذريل 2017ع واري ٿيل اڻپوري آدمشماري کي درست ڪرائڻ ۽ پاڻ کي مڪمل طور تي ڳڻائڻ جو هي بهترين موقعو هو پر افسوس ته سنڌ جي سمورين قوم پرست جماعتن ۽ گروپن جي وڏي پيماني تي مخالفت ۽ ڪجهه روشن خيال ۽ سياسي ڌرين جو پوڻ ان قومي فرض کان لاتعلقي ۽ مخالفت واري انتها پسند ۽ غير ذميواراڻي عمل ڪري سنڌ جي ٻهراڙين وارن ضلعن ۾مڪمل ڳڻپ نه ٿي سگهي ۽ سموري آدمشماري ۾ 2017ع جي پوڻا 5ڪروڙ ڳڻپ جي مقابلي ۾ 80 لکن جي واڌاري سان 5 ڪروڙ 57 لک آبادي رڪارڊ ٿي سگهي.جنهن جي نتيجي ۾خاص طور تي ٻهراڙين وارن ضلعن۾ماڻهن جي گهٽ ڳڻپ ٿيڻ ڪري صوبي جي ڪيترن ئي ضلعن جي سيٽن ۾ ڦير ڦار ٿي وئي آهي ۽ سنڌ جا ٽي ضلعا ٺٽو، سانگهڙ ۽ خيرپور پنهنجي ٽن صوبائي اسيمبلين ۽ هڪ جي سيٽن کان محروم ٿي ويا آهن. جڏهن ته سانگهڙ ضلعي جي قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ پڻ ڪراچي منتقل ٿي وئي آهي. قومي اسيمبلي جي سيٽ ضلعي ڏکڻ (لياري، کارادر)علائقي کي ملي آهي ۽ هاڻي ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جي تعداد 21مان وڌي 22 ٿي وئي آهي. اهڙي ريت، ٺٽي ، خيرپور ۽ سانگهڙ ضلعن جون 3صوبائي اسيمبلي جون سيٽون ڪراچي منتقل بعد ڪراچي ڊويزن ۾ صوبائي اسيمبلي جون 3 سيٽون وڌڻ بعد هاڻي اتان جي 7 ضلعن ۾ سنڌ اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 44 مان وڌي 47 ٿي ويو آهي، ڪراچي منتقل ٿيل صوبائي اسيمبلي جون 3 سيٽون ملير، اوڀر ۽ سينٽرل ضلعن کي مليون آهن. اليڪشن ڪميشن طرفان تڪ بندين جي مڪمل رپورٽ 30 نومبر تي جاري ڪئي ويندي جنهن تي جنوري 2024ع ۾ عام چونڊون ڪرايون وينديون.
ڊجيٽل آدمشماري 2023ع بابت شائع ٿيل خبرن موجب 2017ع واري آدمشماري جي صرف 5 سالن بعد اها ڊجيٽل آمشماري ڪرائڻ وارو منصوبو ايم ڪيو ايم جي رٿا تي تيار ڪيو ويو هو جنهن موجب، اڳوڻي وزير اعظم عمران خان جي اها رٿا پڻ شامل هئي ته سنڌ صوبي جي شهري ۽ ٻهراڙي وارن ضلعن جي آبادي ۾ تمام وڏو فرق ڏيکاري سگهجي ۽ ڪراچي جي آبادي 3ڪروڙ کان 4 ڪروڙ شمار ڪري سنڌ کي ٻن حصن شهري ۽ ٻهراڙين وارن علائقن ۾ورهايو وڃي پر جيئن چوندا آهن ته”بندي جي من ۾هڪڙي ۽ ٻئي ڪري الله “ سو اهڙي ريت، عمران خان وارو منصوبو پاڻ اونڌو ٿي ويو ۽ قومي اسيمبلي ۾ئي هن خلاف بي اعتمادي واري رٿ منظور ٿي ويئي ۽ هو پاڻ حڪومت وڃائي ويٺو ۽ پنهنجي وڇايل سازشي ڄار ۾ پاڻ ڦاسي پيو ۽ هن وقت پاڻ انيڪ ڏوهن ۽ ملڪ خلاف سازشن جي ڪيسن ۾ گرفتار ۽ جيل ۾بند آهي. تنهن هوندي به حڪومتي سطح تي ٿيل فيصلي تحت ڊجيٽل آدمشماري وري ان جاءِ تي اتحادي حڪومت طرفان ڪرائي وئي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي حصيداري ۽ سنڌ حڪومت جي سگهاري شرڪت ڪري سنڌ ورهائڻ واري سازش جو اصل منصوبو ته ناڪام ٿي ويو پر سنڌ جي مختلف سياسي ڌرين ۽ گروپن جي انتها پسند ۽ غير ذميواراڻي مخالفت ڪري سنڌ جي ٻهراڙين وارن ضلعن ۾مڪمل ڳڻپ نه ٿي سگهي ۽ سموري آدمشماري ۾ 2017ع جي پوڻا 5ڪروڙ ڳڻپ جي مقابلي ۾ 80 لکن جي واڌاري سان 5 ڪروڙ 57 لک آبادي رڪارڊ ٿي سگهي.
سنڌ جي اها بدقسمتي آهي جو هتي ڪابه ترقي پسند جماعت يا قوم پرست جماعت عملي سياست ڪرڻ ۾ تمام گهڻو ناڪام ثابت ٿيون آهن ۽ پنهنجي ڪنهن قول فعل يا ڪارڪردگي جي بنياد تي عوام کي متاثر نه ڪري سگهيون آهن، رڳو نعري بازي جي سياست، مظاهرن ۽ ڌرڻن وارا نمائشي شو ڪرڻ تائين محدود آهن. ڊجيٽل آدمشماري واري قومي ڪم جي حوالي سان عوامي تحريڪ جهڙي سنجيده جماعت کي پاڻ اڳتي وڌي مالڪي ڪرڻ گهرجي ها ۽ اهڙي ريت، سنڌ ۽ قوم سان محبت جا قسم کڻندڙ ڌرين ۽ گروپن کي پڻ قوم جي مڪمل ڳڻپ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ها پر هنن طرفان پنهنجن قومي فرضن ۾ ڪا دلچسپي ئي نظر نه آئي. سنڌ ۾ ڊجيٽل آدمشماري بابت سنڌ جي چونڊيل جماعت پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ڪوٺايل گهڻ جماعتي ڪانفرنس ۾ذڪر ڪيل جماعتن ۽ گروپن نه صرف شرڪت نه ڪئي پر آدمشماري بابت پنهنجيون سفارشون يا مطالبا پڻ سنڌ سرڪار يا وفاقي حڪومت يا چيف سينسس ڪمشنر کي نه موڪليا ويا، اهڙي ريت پنهنجي قومي ذميواري واري ڪم ۽ قوم جي مالڪي ڪرڻ بجاءِ لاتعلقي اختيار ڪئي وئي، جنهن جي ڪري جيڪي ڪجهه ٿيڻو هو سو ٿي ويو. اهڙي ريت اتي به بس نه ڪئي وئي پر جڏهن ملڪ ۾ ڳڻپ بعد نئين تڪبندين جو ڪم پڻ شروع ٿي چڪو آهي ته قوم طرفان ڊجيٽل ڳڻپ کي قبول ڪري پاڻ کي 5 ڪروڙ 57 لک تعداد ڳڻائڻ جي باوجود ذڪر ڪيل جماعتن طرفان آدمشماري کي قوم طرفان رد ڪرڻ وارا بيان ۽پريس ڪانفرنسون ڪري پاڻ تي ماڻهو کلائڻ وارا ڪم پڻ لڳاتارڪيا پيا وڃن.