سيد امداد محمد شاهه جي گهڻ رخي شخصيت ۽ خدمتون

غلام حسين جوڻو

سنڌ هيرن جي کاڻ آهي. جنهن ۾ هميشه ڪيترائي هيرا جنم وٺندا رهيا آهن. اهڙن هيرن مان ته سيد امداد محمد شاهه به هڪ هو، جيڪو هڪ محبتي انسان هو. پيار ۽ پاٻوهه جي خصلتن جو مالڪ هو، کيس سنڌ جي عوام سان تمام گهڻي محبت هوندي هئي. سندس ، پيار ۽ محبت هميشه سنڌي ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ جو درس ڏنو آهي، ان جي بدلي ۾، ماڻهو به، هن سان محبت ڪندا هئا. جنهن ڪري هر وقت هن وٽ عوام جا ميڙا ڏٺاسون. هن جون ڪچهريون قائم ۽ دائم رهيون.

سائين امداد محمد شاهه ، بلند اخلاق جو مالڪ هو. سندس شخصيت تي نظر وجهبي ته سندس ڪردار جي باري ۾ مڪمل ڄاڻ ملندي. انهي ڪردار مان ، معلوم ٿئي ٿو ته شاهه صاحب هڪ سماجي ڪارڪن جي حيثيت سان عوام الناس جي خدمت ڪندو رهيو. پاڻ ٻه دفعا سنڌ اسيمبلي جو ميمبر پڻ ٿيو. ان وچ ۾ سڄي سنڌ ۾ خوب ترقياتي ڪم ڪرايائين. خاص ڪري پنهنجي تڪ، تعلقي سڪرنڊ ۾ عوام جي ڀلائي لاءِ جيڪي ڪم ڪرايائين، سي ڪنهن کان ڳجها ۽ لڪل ڪونه آهن.

امداد محمد شاهه، هر ڳوٺ ۾ اسڪول قائم ڪرايا ويا. سندس چوڻ هو ته نوجوانن کي تعليم جي زيور سان منوري ڪري ،انهن ۾شعور پيدا ڪيو وڃي ته جيئن هو پنهنجي ۽ پرائي دوست ۽ دشمن جي پرک ڪري سگهن. تنهن کانسواءِ هر ڳوٺ تائين روڊ جي سهولت پڻ ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي هئائين. هن وقت هر ننڍي توڙي وڏي ڳوٺ ۾ روڊن جي سهولت موجود آهي. ان سلسلي ۾ سندس خيال هو ته روڊن جي سهولت سان ماڻهو آسانيءَ سان شهرن جي مارڪيٽن تائين پنهنجي زرعي پيداوار جون جنسون پهچائي سگهن ٿا. بيماري ، سيماري جي حالت ۾، اسپتالن ۾ پهچڻ لاءِ آساني پيدا ٿئي ٿي. هڪ ٻئي سان رابطو به سولائيءَ سان برقرار رکي سگهجي ٿو. جنهن ڪري روڊن جو هجڻ لازمي آهي. اهو ئي سبب آهي جو پنهنجي تڪ ۾ روڊن جو ڄار وڇائڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ان کانسواءِ عوام کي علاج جي سهولت ڏيارڻ لاءِ اسپتالون اڄ به موجود آهن. جتي مفت ۾ دوائون ملي رهيون آهن ۽ علاج ٿي رهيو آهي. هاڻ غريب ماڻهو وڏين اسپتالن جي وڃڻ بدران ڄاڻايل اسپتالن جو رخ ڪن ٿا. اتي هو آساني سان پهچي ويندا آهن. ياد رهي ته اسپتالون به بنيادي سهولتن ۾ شمار ٿين ٿيون. شاهه صاحب گهر ، گهر کي بجلي فراهم ڪرڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي. نتيجي ۾ تڪ جي اڪثر ڳوٺن ۾ بجلي جا بلب ٻرڻ لڳا ۽ روشني ڏسڻ ۾ آئي. بجلي جي ڪري رنگيني ۽ رونق پڻ پيدا ٿي ويئي. جڏهن ته ڪو هڪ اڌ ڳوٺ بجلي جي سهولت کان رهجي ويو ته اها هڪ ٻي ڳالهه آهي. ان لاءِ به سائين ڪوشش ضرور ڪئي هوندي.

ڪيترن ئي نوجوانن کي سرڪاري نوڪريون وٺي ڏنائين، جنهن ڪري سوين ماڻهو روزگار سان لڳي ويا. غربت ۽ بدحاليءَ جي زندگيءَ مان نڪري خوشحالي واري زندگي گذارڻ لڳا. اهو ئي سبب آهي جو اهي سائين امداد محمد شاهه کي اڄ به دعائن ۾ ياد ڪندا رهن ٿا. سندس تعريف ڪن ٿا. سيد امداد محمد شاهه امن پسند ۽ صلح پسند شخص هو. جڏهن به ڪا ڌر فيصلي لاءِ هلي آئي، انهن جو فيصلو ڪري کين ٺاهي ڇڏيندو هو ۽ ٻئي ڌريون کير کنڊ ٿي وينديون هيون. پاڻ ۾ ڀائرن وانگر رهڻ لڳنديون هيون. فيصلا بي رياءَ ڪرڻ ڪري، سنڌ ۾ ڏاڍي مشهوري ماڻيائين. “مکڻ مان وار ڪڍڻ ” جي مصداق وانگر ، جهيڙي ۽ فساد جو نبيرو ڪرڻ، سندس اصولن ۾ شامل هو. مرحوم جو خيال هو ته سنڌ ۾ رهندڙ ماڻهن کي وڙهندي ڏسڻ نه ٿو گهران. پر کين هڪ پليٽ فارم تي متحد، متفق ڏسڻ سان خوشي ٿئي ٿي. اهو ئي سبب آهي جو کيس قومپرست سياستدانن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.

جڏهن ايم آر ڊي جي تحريڪ هلي رهي هئي. سنڌ سڄي باهه جيان ٻرندي نظر آئي پئي. ان وقت ڳوٺ پنهل خان چانڊيو لڳ سڪرنڊ ۾ ايم آر ڊي جو واقعو ٿيو هو. ڪجهه ڳوٺاڻا فوجين جي گولين جو کاڄ ٿي شهيد ٿي ويا. ڪو به ماڻهو ، انهن جا لاش وصول ڪرڻ لاءِ تيار ڪونه ٿي نظر آيو. اهڙي حالت ۾ هن بهادر ۽ عظيم انسان پنهنجي سر جو سانگو لاهي، اهي لاش وصول ڪيا ۽ ڪفن ۽ دفن جو سموريون رسمن تائين انهن جي پونئيرن سان گڏ ۽ سندن ڏک ۾ برابر جو شريڪ ٿيو ۽ انهن سان همدردي ۽ عذرخواهي به ڪيائين. سندس هن ڪارنامي کي هميشه ياد رکيو ويندو.

سيد امداد محمد شاهه رهزن ، قاتل ، لچ ۽ لوفر جو سخت مخالف هوندو هو. ڪڏهن به انهن سان نرمي اختيار ڪونه ڪيائين. هميشه انهن تي سختي ڪندو رهيو ته جيئن هو پنهنجي ڏوهه کان باز اچي سگهن. تاريخي ماڳن ۽ مڪانن جي حفاظت ڪرڻ لاءِ ڪوشان رهيو. اهو ئي سبب آهي جو ، سنڌ جو مشهور نالي وارو شاعر “حمل فقير لغاري” جي مزار تي ميلو لڳرايائين ۽ تر جي سڀني ماڻهن کي هڪ هنڌ گڏ ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر ڪونه ڇڏيائين. هن ميلي ۾ سڄي سنڌ جا ماڻهو شرڪت ڪرڻ لاءِ ايندا رهيا. جن جي رهائش ۽ کاڌو خوراڪ جو به مناسب بندوبست ڪندو رهيو. سندس وفات کانپوءِ اهو سلسلو ختم ٿي ويو آهي. اهو نه رڳو حمل فقير لغاري جي مزارن تي ميلو لڳايو ويندو هو. پر سندس ڪوشش سان سنڌ جي تاريخي ۽ نامور شخصيتن جي مزار جي ڳولا ڪري انهن جي قبرن کي پڻ پڪو ڪرايائين ته جيئن اهي مسمار نه ٿي سگهن ۽ ميٽجي نه وڃن. اهڙي طرح اهڙو تاريخي ورثو هميشه محفوظ ڪيو ويو. سائين ، اهڙي تاريخي ورثي کي پنهنجو سرمايو، ملڪيت ۽ دولت سمجهندو هو. انهي ورثي بابت وڏي ڄاڻ به هيس. هونئن به پاڻ علم ،دوست شخصيت هو. وسيع مطالعو ڪيو هئائين. جنهن ڪري تاريخي ڄاڻ جي ميدان ۾ وڏي مهارت رکندڙ هو. سندس چوڻ هو ته تاريخي ورثي جي حفاظت ۽ سنڀال ڪرڻ اسان جي فرضن ۾ شامل آهي. جنهن ڪري هر ماڻهو کي اهو فرض نڀائڻ گهرجي.

ياد رهي ته پاڻ هڪ زميندا هو، جنهن ڪري زراعت جي شعبي ۾ وڏي ڄاڻ هيس ، ٻجن ، پاڻي جي استعمال ، پيدائش وغيره جي معاملن ۾ وڏي دسترس ۽ قابليت هوندي هيس. خود زرعي ماهر به هن کان مشورو وٺڻ لاءِ ايندا هئا. جن کي پنهنجن مفيد مشورن سان نوازيندو رهيو. اهي سڀ مشورا سندس تجربن ۽ مشاهدن تي مشتمل هئا.

مطلب ته سيد امداد محمد شاهه هڪ گهڻ رخي شخصيت هو. عوام جي خدمت ڪرڻ ، سندس ايماني جز هو، اوليت ۽ ترجيحي بنيادن تي اهڙي خدمت ڪندو رهيو. عوام جي فلاح و بهبود لاءِ پاڻ پتوڙيندو رهيو. اهو ئي سبب آهي جو کيس ، سماجي ڪارڪن ڪري سڏجي ته ڪو وڌاءَ ڪونه ٿيندو. مون هتي شاهه صاحب جي ڪجهه ڪيل عوامي خدمتون بيان ڪيون آهن. پر، غور ڪبو ته اهڙا کوڙ سارا ڪم ذهن جي اسڪرين تي اچي ويندا. جيڪي هن عوام جي ڀلائي خاطر ڪرايا هئا ۽ اهڙي طرح هن تاريخ ۾ سونهري حرفن سان پنهنجو نالو لکرايو آهي. جنهن کان ڪير به انڪار ڪري نه سگهندو.

موت برحق آهي. جيڪو ٽري نه ٿو سگهي. هيءَ عظيم شخصيت جيڪا بيشمار خوبين جي مالڪ هئي، سا ڌڻي تعاليٰ جي سڏ تي لبيڪ چئي ، 29 سيپٽمبر 2004ع تي وڃي هميشه لاءَ آرامي ٿي ۽ اسان کان وڇڙي وئي. سندس ڪل ڄمار اوڻهتر سال ٿي، سندس مزار لڳ ڳوٺ مجيد ڪيريو تعلقه سڪرنڊ ۾ آهي. جيڪا ايندڙ ويندڙ نگاهن جو مرڪز بڻيل آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.