اشتياق انصاريءَ جي ڪتاب ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا “(حصو ٻيو) جو مختصر اڀياس

اڀياس ڪار امين جويو

اِشتياق انصاريءَ جو ھي ڪتاب سِنڌيڪا اڪيڊميءَ وارن پاران سال 2011ع  ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ويو. ليکڪ سنڌ جي ڪوٽن/ قلعن جي ڄاڻ تي ٻڌل ھن ڪتاب جي ارپنا ھنن لفظن سان ڪئي آھي ته ؛ ” زندگيءَ جي سفر جي ساٿياڻي شبنم گُل جي نانءِ “. ھن ڪتاب جو مھاڳ سنڌ جي نالي واري شخصيت سائين محمد ابراھيم جويي صاحب لکيو آھي . سائين جن پنھنجي مھاڳ ۾ نه رڳو ھن ڪتاب جو تتُ ڏنو آھي ، پر ھُن ليکڪ جي اڳَ ۾ لکيل سڀني ڪتابن جا نالا پڻ ڏنا آھن ۽ پڙھندڙن کي ”سنڌ جا ڪوٽ ۽ قلعا “ جي پھرئين حصي بابت به ٻڌايو اٿن. سائين محمد ابراھيم جويي صاحب ، ليکڪ جي سموري ڪمَ ، ذاتي زندگي ۽ تحقيق جي طريقيڪار تي لکڻ کان پوءِ آخر ۾ لکيو آھي ته ؛ ” اشتياق انصاريءَ جي لِکڻي جي ڳَرُ ، سندس سنڌ سان نِج ۽ نِبار وابستگي آھي. نوان علائقا دريافت ڪيا اٿن ، کوجنا کان اڻ ڇُھيل / رھجي ويل قديم آثارن جي ماڳن مڪانن کي متعارف ڪرايو اٿن ۽ سنڌ جي وساريل کنڊرن/ ڀَنن کي ڳولي ھٿ ڪري اسان جي اڳيان پيش ڪيو اٿن“. جڏھن ته ھن ڪتاب جي بيڪ ٽائيٽل تي ڪامريڊ سوڀي گِيان چَنداڻي جا ھي لفظ لکيل آھن ته ؛   ” مون وٽ جڏھن ڪو به عِلم دوست ڪچھري لاءِ ايندو آھي ته ، مان کيس اشتياق انصاريءَ جا ڪتاب پڙھڻ لاءِ چوندو آھيان ، ساڳئي وقت نوجوانن کي مثال ڏيندو آھيان ته اشتياق انصاريءَ کي ڏسو! .. ھو مصروف انجنيئر ھوندي به مطالعو ڪري ٿو ۽ جھرجھنگ جھاڳي انتھائي مفيد معلومات اسان تائين پھچائي ٿو“.

ليکڪ ھن ڪتاب جي مُھڙَ ۾ ئي ڪوٽن قلعن جي تواريخ بيان ڪرڻ سان گڏ ، دنيا جي مختلف ملڪن ۾ موجود ڪوٽن قلعن جي قِسمن ۽ ھٿيارن تي لکيو آھي. تنھن کان پوءِ ھن سنڌ ۾ موجود ڪوٽن/ قلعن بابت تفصيلي ڄاڻ ڏني آھي.

ھن ڪتاب ۾ ڪُل سترھن عدد ڪوٽن / قلعن جو ذڪر ٿيل آھي ، جن جا نالا ھن ريت آھن ؛ ” اِمام ڳڙھ ، بَکر جو قلعو ، بَھمَ جو ڪوٽ/ بَھمَ جو ڀِڙو ، جُبو ڪوٽ ، ڪارو ڪوٽ ، گُلان ڪوٽ / ڪلھوڙا ڪوٽ ، اَروڙ جو ڪوٽ ، لُوڻي ڪوٽ ، کارو ڪوٽ ، ھيم ڪوٽ / جِھم ڪوٽ ، سِرڻي ڪوٽ ، چاڪر ڪوٽ/ گنڀاٽ قلعو ، اَگھم ڪوٽ ، چَنڙو ڪوٽ ، ڊگھ بالا ۾ ميرن جو ڪوٽ ، ڀنڀور جو قلعو ۽ رَتو ڪوٽ“ .

ليکڪ مٿي بيان ڪيل سڀني ڪوٽن/ قلعن جي تواريخ ، انھن جي اڏاوت جي نمونن ۽ انھن سان لاڳاپيل قصن ڪھاڻين بابت ڪارائتي ڄاڻ ڏني آھي. ان سان گڏ ھُن انھن جا نقشا، ڇاپون ۽ ماپون پڻ ڪتاب ۾ ڏنيون آھن. ھن ڪتاب ۾ ڪجھه رنگين تصويرون به ڏنل آھن ، جيڪي ڏسندڙن جو ڌيان ضرور ڇِڪائينديون.

ڪتاب جي آخري صفحن تي ڪوٽن/ قلعن بابت مُروج ڪجھ  لفظن جي لسٽ ڏنل آھي جنھن کي پڙھي ڄاڻ ۾ اضافو ٿئي ٿو. ھن ڪتاب  جي ڪامياب ھجڻ جو ثبوت اھو آھي ته ھن جو ٻيو ڇاپو سال 2015 ع ۾ آيو ھو ، سو پڻ ھن وقت ڪتابن جي مارڪيٽ منجھان ختم ٿي چُڪو آھي!. آئون پنھنجي ھن ليکَ ذريعي ھن ڪتاب جي پبلشر کي درخواست ٿو ڪريان ته ھن ڪتاب کي سنڌ جي سڀني ننڍن وڏن شھرن جي ڪتاب گھرن تائين پھچائي ته جيئن سنڌ جي ڪوٽن/قلعن واري موضوع ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻھو ھن ڪتاب منجھان لاڀ پِرائي سگھن.

پنج سئو ڇھانوي صفحن تي ٻڌل ھي ڪتاب سنڌ ۾ موجود قلعن / ڪوٽن جي ڄاڻ بابت ھڪ اھم ماخذ آھي ، ھن موضوع ۾ دلچسپي رکندڙ ماڻھن ۽ شاگردن کي ھي ڪتاب ضرور پڙھڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.