ايم آر ڊي شھيدن کي سرخ سلام

قاسم خاصخيلي

29 سيپٽمبر 1983 جو ڏينهن سنڌ جي تاريخ جو هڪ اهم ۽ نه وسرندڙ ڏينهن طور ياد رکيو ويندو آھي، ان ڏينهن تي سنڌ جي بيگناھ 16 جوانن کي شھيد ڪري تاريخ جو هڪ ڪارو باب لکيو ويو، ان ئي تاريخ جي خوني ڳلين ۾ جهاتي پائينداسين ته جڏهن ان وقت جي هڪ آمر ڊڪٽيٽر جنرل ضياء الحق جي حڪومت خلاف ايم آر ڊي نالي سان هڪ تحريڪ هلي رهي هئي جنهن ۾ روزانو جي بنياد تي سنڌ جي مختلف شھرن مان احتجاج ريڪارڊ ڪرايا ويندا هئا ۽ جيل ڀريو جي سلسلي ۾ پاڻ مرادو گرفتاريون پيش ڪيون وينديون هيون.

انهيءَ پرامن هلندڙ تحريڪ کي خونخوار بنايو ويو ۽ هلندڙ تحريڪ کي دٻائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪندي خيرپور ناٿن شاھ ۾ 6 بيگناھ نوجوانن کي شھيد ڪيو ويو جڏهن ته 29 سيپٽمبر 1983 تي سڪرنڊ لڳ ڳوٺ پنهل خان چانڊيو جي هڪ زميندار رئيس پنهل خان چانڊيو ۽ رئيس غلام عباس چانڊيو جن جي اڳواڻي ۾ ضيائي آمريت خلاف احتجاج ڪندي پاڻ مرادو گرفتاريون ڏيڻ لاءِ صبح جي وقت هڪ جلوس ڪڍڻ جي تياري ڪئي پئي وئي جنهن کان اڳ سڪرنڊ ڀرسان چوٿون ميل اسٽاپ وٽ قرآن خواني جو بندوبست ڪيو ويو هو ان هلندڙ قرآن خواني ۾ ضياءالحق جي آمرانا ذھنيت ان عمل کي برداشت نه ڪيو نتيجي ۾ هٿين خالي گڏ ٿيل بي گناھ ماڻھن مٿان گوليون وسائي سورنهن بي گناھ انسانن کي شھيد ڪري ڇڏيو جنهن کان پوء شھيد ۽ زخمي ٿيندڙ انسانن مٿان انتهائي بي رحمي جو مظاهرو ڪندي انهن مٿان گاڏيون چاڙھيون ويون، جڏهن ته ڪيترائي ڳوٺاڻا سخت زخمي حالت گرفتار پڻ ڪيا ويا، جن مٿان گرفتاري دوران سخت تشدد ڪري اپاهج ڪري انهن جي رهيل زندگين تي عذاب برپا ڪيو ويو، ايم آر ڊي جي ان وقت تائين هليل تحريڪ جو هي هڪ وڏو واقعو بڻجي ويو جنهن جي گونج عالمي سطح تائين پهچي وئي ۽ عالمي خابرو اداري بي بي سي کان ويندي ٻين ادارن هن واقعي تي سخت ردعمل ڏيندي هن افسوسناڪ واقعي جي ڪوريج ڪئي ۽ ضياء جي ظلمن کي دنيا آڏو نروار ڪيو.

هن افسوسناڪ واقعي کان پوءِ ستت ئي آمريت جو ڏمر لٿو. ملڪ ۾ 1988 ڌاري اليڪشن ڪرائي وئي جنهن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي سوڀ ماڻي ورتي ۽ دنيا جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسلمان عورت وزيراعظم طور شھيد محترمه بينظير ڀٽو قسم کڻي اقتدار جون واڳون سنڀاليون، ايم آر ڊي جي ان تحريڪ جي نتيجي ۾ شھيدن ۽ زخمين جو چاليھه سال گذرڻ باوجود اڄ تائين ڪوبه تدارڪ نه ٿي سگهيو جيڪي شھيد ٿي ويا انهن لاءِ ڪجھه سال ورسين جا پروگرام ڪيا ويا پر آھستي آھستي انهن کي به محدود ڪيو ويو. ان تحريڪ جي اڳواڻي ڪندڙ رئيس پنهل خان چانڊيو ڪجھ عرصي کان پوءِ وفات ڪري ويو جڏهن ته غلام عباس خان چانڊيو پڻ ھڪ روڊ حادثي ۾ شھيد ٿي ويو، جنهن کان پوءِ مسلسل شھيدن جا سرواڻ سڏائڻ وارا چاليھ سال گذري وڃڻ باوجود اڄ ڏينهن تائين سرواڻي جو بهتر حق ادا نه ڪري سگهيا جنهن ڪري شھيدن ۽ زخمي ٿي گرفتار ٿيندڙ ۽ جيل جون سختيون ڀوڳيندڙ جيڪي حيات آھن اهي ۽ جيڪي فوت ٿي چڪا آھن انهن جا ڪافي وارث ڪسمپرسي لاچارگي ۽ غربت کان هيٺ واري زندگي گذارڻ تي مجبور بنيل آھن، وقت بوقت ورسين وارن ڏهاڙن تي پنهنجن پيارن لاءِ رت جا نير هاريندا رهن ٿا، ايم آر ڊي جي تحريڪ جي ايڏي وڏي قرباني جن مسڪين هارين ۽ پوهيتن ڏني اهي اڄ به هارپو ۽ مزدوريون ڪري پيٽ جو دوزخ وسائڻ ۾ پورا آھن پر انهن جي خون تي ٻيا ماڻھو ارب پتي بنجي پنهنجي شاهاڻي گذاي عيش عشرتون ڪري ورسين تي ميڊيا اڳيان اچي چند همدردي جا ٻول ٻولڻ ۽ شهيدن جي قربانين کي عظيم قرباني چئي وارثن جي ڇٽي ويل زخمن تي هرسال نئون لوڻ ٻرڪيندا رهن ٿا جيڪو نه رڳو افسوسناڪ عمل آھي پر شھيدن جي خون سان هڪ وڏو مذاق پڻ ليکيو وڃي ٿو.

ايم آر ڊي جي شھيدن جي قربانين کي چاليهھ سال ٿي ويا آھن انهن جي وارثن جي ڪھڙي نموني سار لڌي ٿي وڃي ان تي سوچڻ جي ضرورت آھي انهن جي وارثن جي زخمن تي مرهم رکڻ گهرجي، پيپلز پارٽي جي نوجوان چيئرمين محترم بلاول ڀٽو زرداري گهرجي ته هنن مسڪينن جي زندگين ۾ بهارون آڻڻ ۽ سندن مرجهايل چھرن تي مرڪون آڻڻ لاءِ فوري طور تحرڪ وٺي ايم آر ڊي تحريڪ ۾ زخمي ۽ گرفتار ٿيل (هن وقت جيڪي زنده آھن) انهن هيرن سان روبرو ملاقات ڪري انهن جي ڏکن کي ٻڌو وڃي ۽ انهن جي تڪليفن جي ازالي لاءِ حڪم جاري ڪيا وڃن جڏهن ته جن شھيدن جا وارث موجود آھن تن کي به زندگي گذارڻ لاءِ بهتر روزگار ڏيڻ سميت شھادت واري جاءِ تي هڪ بهترين نموني جي يادگار تعمير ڪري انهن شھيدن ۽ زخمين جي تصويرن سان گڏ نالا نمايان طور درج ڪيا وڃن ته جيئن جهموريت لاءِ جان ڏيندڙن ۽ جدوجهد ڪندڙ هيرا سنڌ جي تاريخ ۾ نمايان ڪردار طور سدائين زنده رهي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.