عيد ميلادالنبي صه جي سڀني مسلمانن کي مبارڪ

حضرت محمد صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جن پوري دنيا کي ڪفر ۽ شرڪ کان هميشه جي لاءِ ڇوٽڪارو ڏياريو، انهيءَ مبارڪ ۽ مهربان عظيم هستيءَ جي ولادت وقت عرب جي دنيا ڪيترين ئي براين ۾ ورتل هئي. جنهن ۾ سڀني کان وڏو ڏوهه اهو هو ته هوءَ نياڻين کي جيئري ئي دفن ڪري ڇڏيندا هئا.پر پاڻ سڳورن مختلف وهمن وسوسن ۽ سماجي ڏوهن ۾ غرق عرب سماج ۾ سمورن اهڙن ڏوهن جي نندا ڪندي دنيا ۾ شعور ي روشني پيدا ڪئي. جنهن سان ٿوري ئي قت ۾ پاڻ سڳورا امين ۽ صادق هئن جو عملي نمونو ٿي ڪري سامهون آيا.

پاڻ سڳورن ئي عرب جي اونداهي ۽ جاهليت ۾ ورتل معاشري ۾ پهريون اعلان ئي اهو ڪيو ته عورت ۽  مرد جي حيثيت برابر آهي.ان زماني ۾ پاڻ سڳورن بي سهارا،يتمين ۽ غريبن جي حقن جي ڳالهه ڪئي ۽ پنهنجي عمل سان اهڙا مثال قائم ڪيا جو عرب جا ماڻهون سندس اڳواڻي ۽ قيادت کي بنا ڪنهن هٻڪ جي قبولي ورتو.

عرب جي ريگستان مان اڀرندڙا اهو انقلاب ٿوري ئي وقت ۾ دنيا جي ٻين حصن ۾ پهچي ويو.ان ۾ ڪو به شڪ ناهي جو پاڻ سڳورن صلعم جن ۾ ٻالڪ پڻي کان ئي اهڙي قائداڻي صلاحيت موجود هئي.جنهن جي اڳتي هلي ڪري پالڻهار پاڻ تصديق پڻ ڪئي.

پاڻ سڳورن زندگيءَ جو عملي نمونو نه رڳو پيش ڪيو پر ان تي  عمل ڪندي، جاهلت جي اونداهه کي ختم ڪرڻ جي بي مثال رٿابنديءَ جو عملي مظاهرو ڪري ڏيکاريو.

اها عظيم ۽ مبارڪ هستي جنهن جو آسمان ۾ “ احمد ” ۽ زمين تي “ محمد ” صلي الله تعاليٰ عليه وعليٰ آله و اصحابه وسلم جي نالي سان ذڪر اعظم وڏي خوشيءَ ۽ چاهه سان عبادت ۽ ذڪر خير طور کنيو وڃي ٿو.

هن مبارڪ ڏينهن تي پوري عالم جي عاشقان رسول  صلي الله عليه وسلم جون عيد جهڙيون مبارڪ راتون خوشين شادمانن سان گذرن ٿيون. هر طرف خوشين جو ماحول برپا رهي ٿو. شهرن، بازارن، علائقن، گهٽين، محلن، پاڙن ۾ خوشيون ملهايون وڃن ٿيون.

دنيا جهان جي سمورن محققن، اسڪالرن، دانشورن، ڏاهن ، اديبن دنيا جي وجود کان ويندي هن وقت تائين سڀني ناليوارين عظيم شخصيتن جي حيات زندگي پڙهي ۽ انهن تي تحقيق ريسرچ ڪئي پر آقا و مولا حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي شخصيت سڀني کان عظيم کان عظيم تر ۽ بلند شان مان مرتبي واري قرار ڏني وئي آهي.

پاڻ سڳورن کي چاليهن ورهين جي عمر ۾ نبوت ملي،پاڻ سڳورن جي سموري حياتي سموري انسانيت جي لاءِ هڪ وڏو نمونو آهي.هن پنهنجي حياتي مبارڪ ۾ ان دور جي سموين ڌرين سان سهپ رواداري وارو رويو اختيارڪيو،جنهن سان سمورين مسلمانن کي پڻ پنهنجي اندر برداشت جي سگهه پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي.

حضور اڪرم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم بلا شڪ شبهي جي الله تبارڪ و تعالي جي طرفان سڀني جهانن لاءِ رحمت بڻجي آيا هئا. خاص طور انسانن جي لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو وجود ھڪ اھڙي نعمت آهي جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي اهو گهٽ آهي.

پاڻ سڳورن جي حياتيءَ کي جيڪڏهن اڄ سموري مسلمان دنيا جي لاءِ هڪ نمونو طور رکيو وڃي ته ڪر اڄ دنيا جي ڪيترائي معاملا حل ڪري سگهجن ٿا، پر بدقمستي سان اڄوڪي دنيا ۾ سمورا ماڻهون هڪ اهڙي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا آهن جو اهي دنيا جي هر برائي جو حصو آهن.اهو ئي سبب آهي جو اڄ هيترا سارا مسئلا ڪر کنيو بيٺا آهن.

مسلمانن جي لاءِ هون ته پاڻ سڳورن ڪيترائي مثال قائم ڪيا پر پنهنجي حج جي آخري خطبي ۾ هن جيڪو ڪجهه فرمايو هو اهو سموري دنيا جي لاءِ هڪ اهڙو نمونو هو جنهن تي عمل ڪري ئي ان جا نتيجا ملي پئي سگهيا،پر اڄ به اسلامي دنيا جو هو وڏو حصو ڪيترين ئي اهڙين براين جي بيمارين جو شڪار آهي جو اهي اڳتي نٿا وڌي سگهن.

پاڻ سڳورن چيو هو ته علم حاصل ڪريو چاهي توهان کي چين ئي ڇو نه وڃڻو پئي ؟ پر هن وقت علم جي ان معنيٰ کان امت جو هڪ وڏو حصو وانجهيل آهي.پاڻ سڳورن چيو هو ته سمورا انسان پاڻ ۾ ڀائر آهن انهن کي قبيلن ۾ قومن ۾ برادرين ۾ ورهائڻ جو رڳو هڪڙو ئي مقص آهي ته اهي هڪ ٻئي کي سڃاڻي سگهن.

پاڻ سڳورن جن جن ڳالهين کان منع ڪئي هئي ۽ ان تي عمل ڪرڻ کان روڪيو هو انهن تي اسين سڀ عمل ڪريون ٿا جيڪو بنهه غلط عمل آهي.پاڻ سڳورن چيو هو ته سمورا انسان هڪ ئي آدم جي اوالاد آهن.ڪنهن به امير کي غريب تي ۽ ڪنهن به عربي کي عجمي تي ڪا به فصيلت ناهي خدا جي ويجهو اهو آهي جنهن جا عمل نيڪ هوندا.پاڻ سڳورا سهپ.رواداري جا نمونا هئا.پاڻ سڳورا پنهنجي نياڻي جو به وڏو احترام ڪرڻ ۽ پنهنجي ادستاد جي عزت ڪرڻ جو درس ڏنو هو.

اها عجيب ڳالهه آهي جو سموري دنيا ۾ اسلام جون داعي رياستون اسلام جي بنيادي روح تي عمل ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن.جنهن ۾ عام ماڻهون جي ڀلائي جي ڳالهه ڪيل آهي،جيڪڏهن هن سموري دنيا ۾ اسلام جي حقوق العباد واري پاسي ڏانهن ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان تي عمل ڪيو وڃي ته شايد اڌ دنيا جي غريب ماڻهون ائين بنا سهولتن جي حياتي گهارڻ تي مجبور نه ٿين.

جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ته اسان وٽ وڏي آبادي اسلام جي دائري ۾ آيل آهي.ته پوءِ سوال پيدا ٿيندو ته هن ملڪ ۾ هيترا سارا مسئلا ڇو آهن ؟ جيڪڏهن واقعي به پاڻ سڳورن جي پيغام تي دل سان عمل ڪيو وڃي ته پوءِ اهي سمورا مسئلا حل ٿيڻ ممڪن آهن پر ان جي لاءِ عملي طور تي اهڙا قدم کڻڻا پوندا،جنهن سان ڪٿي ڪا ناانصافي نه ٿئي ۽ هر ماڻهون کي هڪ انسان سمجهندي هن جو احترام ڪيو وڃي.جيڪڏهن ائين ڪجي ٿو ته هيءَ دنيا پاڻ سڳورن جي خواب جي تعبير ٿي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.