تيرھن مھينن جي چيف جسٽس جو وقت شروع ٿي ويو

تحرير: وسعت الله خان

جسٽس عمر عطا بنديال جي رٽائرمينٽ ۽ جسٽس اعجاز الاحسن جي چيف جسٽس جي عهدي تي ترقي جي وچ ۾ رھيل تيرهن مهينن ۾ جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاڪستان جو 29 هون چيف جسٽس بڻجي ويو آهي.

اردو قاعدي ۾ ججن ۽ جرنيل (ج) سان شروع ٿين ٿا. پوءِ به جي، ڪو مون کان پڇي ته ايندڙ جنم ۾ توهان ٻنهي مان ڇا ٿيڻ پسند ڪندا ته مان چوندس: جنرل صاحب.جج وڌ ۾ وڌ چيف جسٽس بڻجي سگهي ٿو ۽ چيف جسٽس ٿيڻ کان پوءِ به ان کي وقت تي رٽائر ٿيڻو پوندو. ٻين آئيني عهدن جي ابتڙ چيف جسٽس کي پنهنجي مدي ۾ ممڪنه واڌ جي سهولت حاصل ناهي.تنهن ڪري چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي جيڪو ڪجهه ڪرڻو آھي يا نه ڪرڻو ، اهو آڪٽوبر 2024ع تائين جي مدي ۾ ئي ڪرڻو آھي.

چيف جسٽس جي ابتڙ پاڪستان ۾ جيڪڏهن ڪو، جنرل رٽائرمينٽ ٿيڻ کان هڪ ڏينهن اڳ به چيف آف آرمي اسٽاف مقرر ٿي وڃي  ٿو ته هن جي ملازمت جو مد خودبخود  ٽن سالن تائين وڌي وڃي ٿو.آرمي چيف جي حيثيت سان پنهنجي پهرين مدي جي پڄاڻي تائين  ھن کي وڌيڪ ٽن سالن جي واڌ پڻ ملي سگهي ٿي.

جيڪڏهن نھ چاھيندي بھ ،آرمي چيف کي ملڪ جي وسيع تر  مفاد ۾ ضياءُ الحق يا پرويز مشرف جو ڪردار نڀائڻو پئجي وڃي تھ پوءِ  قانوني طور تي صدرمملڪت صدر ضياءُ الحق چيف  آف آرمي اسٽاف ضياءُ الحق جي کي نھ رڳو توسيع ڏئي سگھي ٿو بلڪھ صدر مملڪت  صدر ضياءُ الحق چيف  آف آرمي اسٽاف ضياءُ الحق کي  جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جي سربراھي جي ٽوپي بھ پارائي سگهي ٿو.ساڳي روايت کي لڳ ڀڳ صدر جنرل پرويز مشرف به اڳتي وڌايو. ڪمانڊر ان چيف يحيٰ خان کي ايتري مھلت ئي ملي جو اھو ڪو  معجزو ڪري ڏيکاري سگھي.

بهرحال سندس پيشرو، جنرل محمد ايوب خان کي ڏانھن اھو اعزاز وڃي ٿو تھ ھو بري فوج جو پهريون ڪمانڊر ان چيف ھو. جنهن کي  حاضر سروس ھوندي بھ ھڪ سول حڪومت (محمد علي بوگرا) دفاع جي وزارت جو قلمدان ڏنو ھو،  يعني ڪمانڊر ان چيف جنرل ايوب خان وزير دفاع ايوب خان جي ماتحت ٿي ويو ھو. ۽ پوءِ ايوب خان به صدر ٿي ويو تھ ڪمانڊر ان چيف ايوب خان ۽ سندس باس دفاع وارو وزير ايوب خان، صدر ايوب خان جي ماتحت ٿي ويا.

جيئن ته ايوب خان کي احساس ھو تھ  هو انهن عهدن کي ھڪ ئي وقت گڏ رکي پاڻ سان انصاف نه ڪري سگهندو، ان ڪري هن جنرل محمد موسيٰ کي ڪمانڊر ان چيف جو عهدو سونپي ڇڏيو، پر پاڻ کي فيلڊ مارشل جي عهدي تي به ترقي ڏئي ڇڏي تھ جئين  هن کي رٽائرڊ نه سمجهيو وڃي. هن کي خبر هئي ته هڪ رٽائرڊ فوجي صدر ۽ هڪ سول صدر جي حيثيت باعزت سينئر سٽيزن کان وڌيڪ نه ھوندي آهي.

شايد اهو ئي توسيع ۽ تسلسل آهي جنهن جي ڪري جنرل فرينڪ ميسروي کان وٺي جنرل عاصم منير تائين بري فوج جا سترھن  سربراھ آيا ۽ ويا.ان جي  مقابلي ۾ان عرصي  ۾ لياقت علي خان کان وٺي انوارالحق ڪاڪڙ تائين ٻٽيهه وزيراعظم ،ڳاڙهي مخملي ڪرسيءَ تي ٿوري دير لاءِ ويٺا ۽ نڪتا ويا. يعني هن ملڪ سپھ سالارن کان ٻيڻا وزيراعظم  ڏٺا. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾  جسٽس عبدالرشيد کان وٺي قاضي فائز عيسيٰ تائين 29 چيف جسٽس اچي چڪا آهن. پر صرف چند چيف جسٽس عوام جي يادگيري ۾ پنهنجو گهر ٺاهي سگهيا آھن.مثال طور جسٽس محمد منير، جسٽس انوارالحق، جسٽس محمد حليم، جسٽس نسيم حسن شاهه، جسٽس ارشاد حسن خان، جسٽس جاويد اقبال، جسٽس عبدالحميد ڊوگر، جسٽس ثاقب نثار ۽ جسٽس عمر عطا بنديال جي شهرت  جو سبب ۽ عدل و انصاف تي انھن جي شخصي اثرن جي قيمت  ھي ملڪ ايندڙ ڳچ عرصي تائين چڪائيندو.

ٻئي طرف اھڙا جج بھ آيا، جن پنهنجي طور تي  اونداهي گھڙين ۾  آئين ۽ قانون جو ڏيئو  روشن ڪري رکڻ جي ھر ممڪن ڪوشش ڪئي. جيئن جسٽس اي آر ڪارنيليس، حمود الرحمان، افتخار چوڌري، راڻا ڀگوان داس وغيره.ان موقعي تي جسٽس محمد رستم ڪياني، جسٽس دراب پٽيل، جسٽس فخرالدين ابراهيم ۽ اهي سڀئي جج جن ڪنهن به غير قانوني يا عبوري آئيني حڪم نامي کي تسليم نه ڪيو، اهي به اسان جي عدالتي ورثي جو سونهري باب آهن ۽ جسٽس مولوي مشتاق حسين ۽ جسٽس محمد قيوم به اسان جي عدالتي رڪارڊ ۾ پيا آھن.

اهي سڀئي نالا تاريخ جي حافظي ۾ موجود آهن ۽ تاريخ جي سڀ کان وڏي خامي اها آهي ته اها نه ولن کي وساري ٿي نه ئي هيروز کي وساريندي آهي ۽ ايندڙ نسلن کي ٻڌائي ٿي ته توھان کي ڇا ٿيڻو آھي۽ ڪھڙو ھرگز  نه ٿيڻو آھي.

قاضي فائز عيسيٰ جو هينئر تائين جو رڪارڊ شاندار رهيو آهي. پر هاڻي ھو بلڪل پل صراط تي  بيٺل آهي ۽ انصاف جو سج سو نيزي تي آهي.اسٽاپ واچ جي ٽڪ ٽڪ  شروع ٿي چڪي آهي. تيرهن مهينن بعد  جسٽس قاضي به تاريخدان جي قلم جي گھيري ۾ هوندو.خدا کيس،ندامت جي داغ کانسواءِ ئي پار اڪاري.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.