ڌاڙيل سنڌ لاءِ ناسور بڻيل

تحرير: جي ايم کوکر

سنڌ ۾ ڏوهن تي ضباطو آڻڻ لاءِ  گذريل ڏينهن سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪميٽي جو 28 هون اجلاس ٿيو، جنهن ۾ صوبائي گهرو وزير برگيڊيئر (ر) حارث نواز،صوبائي وزير  عمر سومرو، ڪور ڪمانڊر ڪراچي ليفٽيننٽ جنرل بابر افتخار، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر فخر عالم ۽ ڊي جي رينجرز ميجر جنرل اظهر وقاص شريڪ ٿيا ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس کي آءِ جي پوليس رفعت مختيار امن امان بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته هن سال اغوا جا 220 ڪيس ٿيا جڏهن ته گذريل سال 81 ڪيس ٿيا، اغوا جي 220 ڪيسن مان 128 لاڙڪاڻي، 46 سکر ۾ ٿيا. ڪراچي مان 42، حيدرآباد مان 3، بينظير آباد مان هڪ شهيد، ڪراچي مان 42 يرغمالي، حيدرآباد مان 3، سکر مان 46 يرغمالين مان 41، لاڙڪاڻي مان 128 مان 121 يرغمالين کي بازياب ڪرايو ويو. 220 مان هينئر تائين 210 بازياب ٿي چڪا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اٽڪل 60 ڌاڙيل آهن ۽ باقي قبائلي ماڻهو آهن، 60 ڌاڙيلن جي لسٽ ٺاهي وئي آهي، جن کي آپريشن ۾ نشانو بڻايو ويندو،ان موقعي تي نگران وڏي وزير مقبول باقر چيو ته هي 60 ڌاڙيل اسان جي فوج جي قبضي ۾ ڇو نٿا اچن، اهي ڌاڙيل هر صورت ۾ جهنم ۾ وڃن، بدقسمتي سان گهوٽڪي-ڪشمور پل جو تعميراتي ڪم ڌاڙيلن سبب بند آهي، ڪم شروع ڪيو وڃي. ڪشمور پل تي وڏي وزير جي پوليس ۽ رينجرز کي هدايتون به ڪيون ، جنهن تي ڪور ڪمانڊر ڪراچي چيو ته رينجرز ۽ پوليس کي هدايت ڪئي ته پل جي اڏاوت جي جاءِ تي فوري طور تي پهچي، پل ٺهندي ئي ڌاڙيلن جي لڪل هنڌن کي کوليو ويندو،هن چيو ته 210 چيڪ پوسٽن تي 3200 پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن. آپريشن لاءِ پوليس سان گڏ رينجرز کي به مقرر ڪيو ويو آهي، هٿيارن جي اسمگلنگ خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي، فوجي گريڊ جي هٿيارن جي وڏي ڍل گهوٽڪي مان هٿ ڪئي وئي آهي، انٽيليجنس ادارن ڪارروائي تيز ڪري ڇڏي آهي ته ڪير ڪير سهڪار ڪري رهيو آهي اهو معلوم ڪرڻ لاءِ ڌاڙيلن خلاف اسٽريٽجڪ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، پاڪ فوج ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ جديد هٿيارن جي مدد ڪندي، رينجرز ۽ پوليس پاڪ فوج سان گڏ، ڌاڙيلن خلاف گڏيل آپريشن ڪيو ويندو، حڪمت عملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. جنهن بعد نگران وڏي وزير آپريشن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي

افسوس ته اڄ جيڪي گهوٽڪي، ڪشمور ۽ سنڌ جي ٻين ڪچي ۾ ڌاڙيلن جي روپ ۾ آدم خور ڌاڙيل موجود آهن انهن پرو چانڊيو جو ته مان رکيو آهي ڇو ته پرو جو مقابلو هڪ ظالم وڏيري سان هيو ۽ انهن آدم خور ڌاڙيلن جو سڌو واسطو ان ظالم وڏيرڪي جي چمچا گيري ڪرڻ آهي جيڪي ٽپيڪل ڌاڙيل پرو چانديو جي رستي تي هلڻ بدران الٽو وڏيرن ۽ سردارن جي چمچاگيري ۽ انهن جي ونگار وهندي رياست لاءِ  چيلنج پيدا ڪري ڇڏيا آهن ،گهوٽڪي کان ڪشمور تائين ڌاڙيلن جي شڪل ۾ جديد هٿيار کڻي اهي آدمخور ڌاڙيل رات جي انڌيري ۾ روڊ تي اچي مسافر ماڻهن کي پيسن جي لالچ ۾ اچي گاڏين مان لاهي اغوا ڪن ٿا انهن ڌاڙيلن پرو چانڊيو جي روح کي لڄايو آهي ته ٻئي پاسي انهن انسانيت جا ليڪا به لتاڙي ڇڏيا آهن جيڪي ايترا ته  انڌا ٿي پيا آهن جو اهي معصوم ٻارڙن ۽ اقليتي برادري جي ماڻهن ۽ نياڻين کي اغوا ڪن ٿا ڌاڙيلن کان سوال اهو آهي ته ڇا اهي ٻارن بچن وارا ناهين ڇا انهن جي دلين ۾ ڪنهن جي لاءِ   احساس  ناهي جو هو غريبن کي اغوا ڪري انهن سان غير انساني سلوڪ ڪن ٿا ؟ڇا ڌاڙيلن کي اها خبر ناهي ته هن جديد دور ۾ جتي آمريڪا ۾ ويٺل ماڻهو موئن جي دڙي تي ويٺل پنهنجي دوست سان ٽي وي اسڪرين تي ڳالهائي ٿو ۽ انسان هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي ويا آهن جتي ڪنهن کي به تلاش ڪرڻ سيڪنڊن جو ڪم هوندو آهي اتي اهي ڌاڙيل ڪچي ۾ ويهي ڪري پاڻ کي محفوظ ڪئين ٿو سمجهي جيڪي هڪ طاقتور رياست کي چيلنج پيا ڪن

ڇا ڪنهن کي علم ناهي ته پنجاب ۽ سنڌ جي ڪچي واري سرحدي پٽي ڪشمور، گهوٽڪي، سکر، ڪنڌڪوٽ لاڙڪاڻو ۾ ويٺل ڌاڙيلن جا ڪچي ۾ پنهنجا ٺڪاڻا ۽گهر موجودآهن جن کي ٻار بچا زمينون پڻ آهن جيڪي  زمينن تي فصل ڪري وڏي آمدني حاصل ڪن ٿا پر پوءِ به اهي ڌاڙيل جي روپ ۾ آدم خور آهن ان جو سبب وڏيرو آهي پرو چانڊيو وڏيري جي ظلم سان ڌاڙيل ٿيو ۽ هي وري وڏيرن جي مرضي سان ڌاڙيل ٿيا آهن سئو سيڪڙو چئي سگهجي ٿو ته انهن ڌاڙيل کي پٺ ڀرائي وڏيرن ۽ سردارن جي آهي اهي وڏيرا پنهنجي تر ۾ ڏهڪاءُ ۽ خوف پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجا ڌاڙيل ڪچي ۾ ويهاريندا آهن اهڙي طرح هو پنهنجي هارين ۽ آس پاس جي ماڻهن تي حاوي ٿين ٿا وڏيرن ۽ سردارن جي چرچ تي ڌاڙيل ماڻهو اغوا ڪندا آهن ۽ ناني جو ڪردار وري اهي وڏيرا ۽ سردار ادا ڪندا آهن جن کي پاٿاريدار به چيو ويندو آهي اهڙا ڪيترائي واقعا موجود آهن ته اڪثر اغوا ڄاڻايل ماڻهن کي وڏيرن جي چوڻ تي آزادي ملندي آهي جئين هڪ هندو غريب کي اغوا ڪيو ويو ۽ هڪ سردار شهريار شر جي مداخلت تي اهو غريب آزار ٿيو تازو سنڌ جو نگران گهرو وزير برگڊيئر رٽائرڊ حارث نواز  گهوٽڪي ڪشمور جي دوري وقت واضح طور تي چيو آهي ته اغوا ڄاڻايل هندو نوجوان ساگر جي اغوا ۾ سڌو سئون سردار ملوث آهي هن اعلان ڪيو ته جنهن به سردار جي تر مان ڪو ماڻهو اغوا ٿيو ته ان جي بدلي ۾ ان تر واري سردار کي گرفتار ڪنداسين ۽ اهو تمام ڏوهن جو ذميوار آهي جيڪڏهن ڪو اغوا ٿيو ته ڀنگ جا پيسا به اهو سردار ادا ڪندو، هن چيو ته جلد انهن سردارن کي واکو ڪبو جيڪي اغوائن جي ۽ ٻين ڏوهن جي وارڌاتن ۾ ملوث آهن انهن بابت لسٽ جوڙي رهيا آهيون، اهو حڪومتي سطح تي پهريون ڀيرو انڪشاف ٿيو آهي ته سنڌ ۾ اغوائن جي وارڌاتن ۾ سردار۽ وڏيرا ملوث آهن ته پوءَ هاڻي حڪومت کي ڪهڙي بهاني جو انتظار آهي  جيڪڏهن حڪومت واقعي به ڌاڙيلن جو خاتمو چاهي ٿي ته پوءَ انهن کي ڪچي جي آس پاس جي وڏيرن ۽ سردارن کي گرفتار ڪرڻو پوندو جنهن جي نشاندهي حڪومت پاڻ به ڪري ڇڏي آهي

سچ اهو به آهي ته گذريل 15 سالن دوران  پ پ جي حڪومت هوندي به انهن  امن امان قائم ڪرڻ لاءِ  قانون جو سهارو نه ورتو ۽ نه ئي ڏوهن جي خاتمي توڙي اغوائن جي ملوث ڪردارن کي واکو ڪيو جڏهن ته پ پ جي حڪومت کي ان سموري ڪردارن جي ملوث هجڻ جي خبر هئي پر سياسي دٻاءُ ۽ ووٽ جي لالچ ۾ ان جي سرڪار اکيون بند رکيو ۽ عمل نه ڪيو  جنهن بعد ڪچي ۾ موجود ڌاڙيلن  رياست جي رٽ لاءِ  وڏا چيلنج پيدا ڪيا جيڪي حڪومتي مشينري جي هوندي بناخوف جي حڪومتي رٽ کي سرعام چيلنج ڪري رهيا آهن ڌاڙيلن جي بدمعاشي ته ڏسو جو هو پوليس سان جنگ جوٽڻ جو اعلان ڪندي پوليس جي چوڪين تي حملا ڪن ٿا ۽ ڪيترن ئي پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي گوليون هڻي شهيد ڪري چڪا آهن

خير سان نگران حڪومت اچي پنهنجا پير سياسي زمين تي رکيا آهن، نگران وڏو وزير رٽائرڊ جج ۽ گهرو وزير رٽائرڊ فوجي آفيسر آهن ٻئي دبنگ انداز ۾ سنڌ اندر امن جا حامي ۽ دلچسپي رکندڙ ماڻهو آهن ۽ ڌاڙيلن جي خاتمي جو قسم کائي ويٺا آهن ڪچي جي ڌاڙيلن جي خاتمي جو پلان موجب ڌاڙيلن جو گهيرو تنگ ڪيو ويو آهي پوليس سان گڏ رينجرز يعني پاڪ آرمي آپريشن پئي ڪري پوري ڪچي کي ڪڙو هنيو ويو آهي ڪچي جا سمورا رستا بند ڪيا ويا آهن ڪچي ۾ ڪنهن به قسم جي رسائي ناهي موبائل نيٽ ورڪ به بند ڪيو ويو آهي ان کان اڳ رياست کي چيلنج ڪندڙ ڌاڙيلن جا وڊيو پيغام اچڻ شروع ٿيا جن رينجرز جو ٻڌو پاڪستان زند آباد ۽ پاڪ فوج زنده آباد جا نعرا هڻڻ شروع ڪيا آهن ته ٻئي پاسي ڌاڙيلن جي پٺڀرائي ڪندڙ وڏيرا ۽ سردار به ڌاڙيلن مان هٿ ڪڍندي انهن خلاف آپريشن ڪرڻ جا بيان ڏئي رهيا آهن سردار به ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن جو بيان ڏنو آهي ، گهرو وزير برگيڊيئر رٽائرڊ حارث نواز   جيڪو پڪو واعدو ڪري ويٺو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن به ڌاڙيلن سان ڪنهن به وڏيري يا سردار جو  تعلق ظاهر ٿيو ته ان وڏيري يا سردار کي گرفتار ڪنداسين

ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف رينجرز ۽ پوليس جي آپريشن ۾ ظاهر آهي سمورا ڌاڙيل نه به 70 سيڪڙو ڌاڙيل ڪچي مان  پڪڙجي ۽ مارجي ويندا ان جي افتتاح تازو سوشل ميڊيا تي مشهور ڌاڙيل ثناءُ الله شر جي ڀاءُ جو دريا جي پاڻي واري پل مان لاش هٿ آيوآهي ۽ ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته باقي 30 سيڪڙو ڪچي مان ڌاڙيل فرار ٿي سردارن ۽ وڏيرن جي پناهه گاهه ۽ بنگلن تي اچي پناهه وٺندا جتي تازو قانون لاڳو ڪندڙن ادارن طرفان ڪچي جي آس پاس جي سردارن جي بنگلن ۽ وڏيرن جي اوطاقن تي ڇاپا مار ڪارروايون تيز ڪري ڇڏيون آهن خبر آهي ته گهوٽڪي پوليس ۽ حساس ادارن گهوٽڪي ضلعي ۾هڪ سردار جي بنگلي تي ڇاپو هنيو جتان ٻه افغاني سردار جي بنگلي مان پڪڙيا ويا آهن جن وٽان 7 ڪلاشنڪوف، 1 اينٽي ايئرڪرافٽ گن، 1 راڪيٽ لانچر، 1 پستول، 9 ڪلاشنڪوف ميگزين، 3 روگر هٿ ڪيا ويا آهن. رائفل ميگزين، 4 پستول ميگزين،اينٽي ايئر ڪرافٽ گن، راڪيٽ لانچر، جي 3 رائفل، ڪلاشنڪوف ۽ 10 هزار کان وڌيڪ پستول هٿ ڪيا ويا ته ٻئي پاسي ڪشمور’ پوليس ڪچي واري علائقي ۾ڪارروائي ڪئي جتان ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز ۾ اغوا ٿيندڙ جيڪب آباد جي رهائشي غلام علي ابڙو کي بازياب ڪرائي ورتو آهي اهڙيون ڪارروايون ايندڙ ڏينهن ۾ تيز ٿي وينديون ڇو ته هڪ طرف ڪچي ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن جو آغاز شروع ڪيو ويو آهي ته ٻئي پاسي  رينجرز جون وڏيرن ۽ سردارن خلاف ٽارگيٽڊ ڪارروايون ڌاڙيلن جي خاتمي لاءِ  مثبت نتيجا ڏينديون اتي سنڌ جا امن پرست شهري نواز شريف جي 1992 واري آپريشن کانپوءَ هلندڙ آپريشن کي پڻ سارهايو آهي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هلندڙ آپريشن سان جلد سنڌ ۾ امن قائم ٿي ويندو ۽ هر شهري سڪون سان پنهنجي زندگي گزاريندو اتي حڪومتي مشينري کي گهرجي ته جهڙي طرح ڪچي جي ڌاڙيلن خلاف نتيجا ڏيندڙ آپريشن ڪيو پيو وڃي اهڙي طرح شهري ۽ سرڪاري ڌاڙيلن خلاف به سخت آپريشن ڪيو وڃي جيڪي سنڌ لاءِ  ناسور بڻيل آهن ته جيئن سنڌ ۾ جلد  امن جو پکي واپس اچي سگهي ۽ شهري سڪون جو ساهه کڻي سگهن

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.