پيٽرول جي اگھن ۾ واڌ، مھانگائي ۽ خودڪشين ڏانهن ڌڪجندڙ پورهيت

تحرير: قاسم خاصخيلي

گذريل ڏينهن نگران حڪومت وري پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ وڏي واڌ ڪري ڇڏي آھي ان واڌ کان پوءِ  نگران سرڪار پاران پنهنجي هڪ مهيني جي حڪومتي مدي دوران اهو ٽيون ڀيرو لڳاتار هر پندرهين ڏينهن ڪيل اضافو آھي، ان ٽنهي ڀيرن ۾ نگران سرڪار پيٽرول تي تقريبن 52 روپيا ۽ ڊيزل تي 55 روپين جو اضافو ڪري چڪي آھي جنهن سان هڪ طرف اڳئي ملڪ ۾ آيل مهانگائي جي طوفان ۾ ڦاٿل عوام کي ويتر مهانگائي جي چڪي ۾ وڌيڪ پيسجڻ لاءِ  ڇڏيو ويو آھي ته ٻئي طرف نگران سرڪار لاءِ  ملڪ جي عوام ۾ غم ۽ غصو وڌي رهيو آھي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي تازي واڌ عوام کان دانهون ڪڍرائي ڇڏيون آھن ڇو ته جڏهن ته پيٽرول يا ڊيزل جا اگھه وڌندا آھن ته ان جي بدلي کاڌي پيتي کان وٺي زندگي جي ضرورتن جون سڀ شيون مهانگيون ٿي وڃن ٿيون.

جڏهن ته ٽرانسپورٽ جا ڀاڙا وڌڻ ڪري هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ مزدوري جي لاءِ  ويندڙ گاڏين ۾ سفر ڪرڻ وارو ملڪ جو پورهيت طبقو تمام گهڻو متاثر ٿئي ٿو جن کي هڪ طرف مزدوري گھٽ ملي ٿي ته ٻئي طرف عام کاڌي پيتي جي شين جا اگھ وڌي وڃڻ ڪري انهن جو گذارو مشڪل ٿي پوي ٿو مٿان وري روزانو روزگار لاءِ  سفر ڪرڻ لاءِ  ڪرايو وڌي وڃي ٿو ته پوءِ  اهو مزدور ڄڻ ته ڪرڀ ۾ مبتلا ٿيو وڃي ٿو نتيجي ۾ مزدور ماڻهو زندگي جو سفر ڏکيو ٿيڻ تي خودڪشي ڪرڻ کي ترجيح ڏيڻ ۾ به دير ئي نٿو ڪري، رڳو هو پاڻ زندگي جو انت نٿو آڻي پر ويجهي ماضي ۾ ڪيترائي دل ڏکوئيندڙ واقعا ڏسڻ ۽ ٻڌڻ لاءِ  مليا آھن ته ماڻھو پنهنجي ٻچڙن کي به قتل ڪن پيا ۽ پاڻ به خودڪشيون ڪن ٿا.

ان ڳنڀير صورتحال ۾ نگران سرڪار پاران هڪ ئي ڌڪ ۾ پيٽرول تي 26 روپين جو اضافو ڪيو ويو آھي جنهن سان وڌندڙ مهانگائي ۾ اڃان وڌيڪ تيزي اچي ويندي جنهن سان هڪ مسڪين ماڻھو لاءِ  روزانو جو گذر سفر پڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويندو، اڳئي ملڪ ۾ اٽو کنڊ گيهھ صابڻ پتي ۽ مرچ مصالحن سميت عام کاڌي پيتي جون شيون جيڪي ڏيڍ سال اڳ ڪجھه  پھچ ۾ ھيون هاڻ انهن جي قيمتن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافو اچڻ سبب ٻن ويلن جي ماني کائڻ به مسئلو ٿي ويو آھي، جڏهن ته ان وڌندڙ مهانگائي تي جيڪڏهن اسان سياسي ڌرين جي ڳالھه ڪنداسين ته ڏيڍ سال اڳ پيپلز پارٽي، مسلم ليگ ن، جي يو آءِ سميت مختلف پارٽين جي گڏيل اتحاد پي ڊي ايم پاران مهانگائي تي ان وقت جي پي ٽي آءِ سرڪار خلاف ڪراچي کان اسلام آباد تائين مهانگائي مٽائو مارچ ڪيو ويو هو، جنهن جي ڪجھه  وقت کان پوءِ  ملڪ ۾ پي ڊي ايم جي حڪومت آئي جنهن مهاگائي ختم ڪرڻ بجاءِ  ويتر مهانگائي ۾ وڏو اضافو ڪري ڇڏيو ۽ پنهنجي سورنهن مهينن جي حڪومتي مدي ۾ اهڙا عجيب و غريب فيصلا ڪيا جن تي ملڪ جو عوام حيرت سان گڏ ساڻن نفرت جو اظھار پڻ ڪرڻ لڳو جنهن کان پوءِ  پي ڊي ايم جي حڪومت لاءِ  اهو ئي مشھور ٿي ويو ته مهانگائي ختم ڪرڻ بهاني آيل حڪومت ۾ ويٺل ماڻھو صرف پاڻ کي ريليف ڏئي هليا ويا پر عوام مٿان مهانگائي جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو مسلط ڪري ويا جنهن جو اثر وقت بوقت ظاهر ٿي رهيو آھي.

هوڏانهن ڏيڍ مهيني جي مختصر عرصي ۾ ٽي ڀيرا پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪيل واڌ کان پوءِ  آيل خطرناڪ مهانگائي تي به ساڳيون سياسي پارٽيون خاموش آھن ملڪ جو عوام ڄڻ ته بي واهو ٿي ويو آهي جنهن جو مثال اهو آھي ته هاڻ هر هنڌ مهانگائي خلاف عوام پاڻ احتجاج ڪري رهيو آھي پر انهن احتجاجن ۾ ڪنهن به پارٽي جي اڳواڻي نظر نه پئي اچي جنهن ڪري ماڻھن ۾ هڪ قسم جي مايوسي واري ڪيفيت ڇانيل آھي، پيٽرول ۽ ڊيزل جي تازي ٿيل واڌ تي جيڪو مهانگائي جو امڪاني طوفان اچڻ لاءِ  ڪر کنيو بيٺو آھي ان تي به پورهيت طبقي کان ويندي سرندي وارا پڻ پريشان آھن هڪ طرف روزگار جا وسيلا ناهن ٻئي طرف مهانگائي رڪجڻ جو نالو نٿي وٺي جنهن جي نتيجي ۾ ماڻھو مايوسين جي ور چڙھي خودڪشيون ڪري رهيا آھن پنهنجي ٻچن کي ماري رهيا آھن ڪي ته وري بيروزگاري ۽ مهانگائي کان بچڻ لاءِ  مجبورن غلط ڪم ڪري رهيا آھن جن ۾ اغوا ڦرون اسٽريٽ ڪرائيم جي وارداتن سميت منشيات جو وڪرو وڌي رهيو آھي جنهن سان ملڪ ۽ قوم جو نقصان ٿي رهيو آھي.

ان ڪري اسان وقتي نگران سرڪار کي اپيل ڪنداسين ته ملڪ جي عوام خاص طور پورهيت طبقي تي رحم کائي انهن لاءِ  ڏکيا فيصلا ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي، نگران سرڪار چونڊن تائين جيترو ممڪن ٿي سگهي وس آھر قوم کي ريليف ڏيندي رهي ته جيئن عام ماڻھو خودڪشين کان بچي سگهن

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.