“محمد ابراهيم جويو معنيٰ ادبي بورڊ“ -هي تاريخي جملو سائين جي ايم سيد جو هو.

تحرير:

“محمد ابراهيم جويو معنيٰ ادبي بورڊ“-هي تاريخي جملو سائين جي ايم سيد جو هو.

اها سال 2010ع جي ڳالهه آهي، جڏهن مون اخبار ۾ خبر پڙهي ته سائين جويي صاحب پنهنجي لائبريري جيڪا 7 کان 10 هزار ڪتابن تي مشتمل آهي، تڏهوڪي ادبي بورڊ جي چيئرمين پير مظهرالحق ۽ سيڪريٽري زوار نقويءَ سان پنهنجي رهائشگاهه تي پريس ڪانفرنس ڪندي مفت ادبي بورڊ حوالي ڪئي. خبر موجب ان لائبريريءَ جو نالو محمد ابراهيم جويو لائبريري ۽ سال ۾ ٻه ڪتاب سائين جويي صاحب جا ان لائبريريءَ عيوض بورڊ شايع ڪندو. ياد رهي ته ان کان اڳ عالمن پنهنجون لائبريريون ڪروڙن ۾ کپايون جيئن ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ لئنگويج اٿارٽي ۽ ڪلچر کي کپائي. بهرالحال منهنجو دوست محسن جويو، مون وٽ آيو ۽ چيائين ته سنڌي ادبي بورڊ هلي سيڪريٽري ادبي بورڊ زورار نقويءَ سان سائين ابراهيم جويي جي لائبريريءَ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻي آهي ۽ پڇا ڪرڻي آهي ته ڪم ڪٿي پهتو. اسين ٻئي ادبي بورڊ پهتاسين، جتي زوار نقويءَ سان ملياسين. حال احوال وٺڻ کان پوءِ جڏهن سائين ابراهيم جويي جي ڏنل هزارين ڪتابن جو ذڪر نڪتو، (جيڪا سندس ڪل علمي ڪمائي هئي) جيئن ته سائين پنهنجي حياتيءَ ۾ پنهنجا ڪتاب ادبي بورڊ کي ڏئي چڪو هو ته جيئن ادارو وڌيڪ علمي ادبي ڪم ڪري سگهي ۽ اهي ڪتاب ايندڙ نسل کي به ڪم اچي سگهن.

مون کي ياد آهي ته ڪچهري دوران زروار نقوي محسن کي چيو هو ته لائبريريءَ جو ڪم جاري آهي، جلدي ڊسپلي سينٽر جنهن جو نالو سائين محمد ابراهيم جويو لائبريري رکيو ويندو، ان کانسواءِ جويي صاحب جي نالي سان محمد ابراهيم جويو لائبريريءَ جو ايڏو وڏو بورڊ هڻايو ويندو جو، باءِ پاس کان ايندڙ گاڏيءَ کي به نظر اچي سگهندو

ادبي بورد کي پنهنجي ڪتابن جي پونجي ارپيندڙ ابراهيم جويي جي لائبريري وارو خواب نيٺ يارهن سالن کانپوءِ به ساڀيان نه ٿي سگهيو. ڇاڪاڻ ته ڪالهه ئي جويي صاحب جي ڏنل لائبريريءَ جو نالو ذوالفقار علي ڀٽو لائبريري رکيو ويو آهي ۽ ڊسپلي تان جويي صاحب جو نالو غائب آهي. ڇا اها علمي ادبي شخصيت جي پورهيي سان نا انصافي ۽ اخلاقي بدديانتي ناهي. جيڪڏهن ڪو ماڻهو ابراهيم جويو لائبريريءَ کي ٻيو نالو ڏئي ٿو ته بورڊ جي انتظاميا کي اعتراض وارڻ گهرجي ته هيءَ جويي صاحب جي پورهيي کي لوئڻ برابر آهي. ڇا ذوالفقار علي ڀٽي کي اڃا به ڪنهن اداري تي نالي جي ضرورت آهي. جڏهن ته جويو صاحب پاڻ ادبي بورڊ جي اڏيندڙن مان هو. ان وقت جي ڪلچر منسٽر سائين جويي صاحب جي لائبريري ڪروڙ کان مٿي وٺڻ جي آفر به ڪئي پر سائين انڪار ڪيو. سائين جويي صاحب سڄي حياتي پنهنجي ادبي علمي پورهيي جو هڪ روپيو به نه ورتو..

)سائين اختر حفيظ جي ٿورن سان(

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.