مينھن ڪيئن وسندو آهي؟ مان ڪالهھ توھان کي انهن موضوعن بابت هڪ پروجيڪٽ ٺاهي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر مون اھو ضروري سمجهيو ته توهان سڀني کي خط لکي ان موضوعَ بابت توهان سان ويچار ونڊيا.ڇا توهان ڪڏهن اھو سوچيو آهي ته اسين روز مره جي زندگيءَ ۾ ڪيترو ئي پاڻيءَ جو استعمال ڪندا آهيون اُن جي باوجود به هن ڌرتيءَ تي پاڻيءَ جي کوٽ ڪون پئي ﭤﺌﻲ يا ڌرتيءَ تان پاڻي ختم ڪان پيو ٿئي؟ ايئن ڇو؟
پاڻيءَ جو ڪيميائي فارمولا H2O آهي ، پاڻ کي اھو معلوم آهي ته درجي حرارت جي ڪري يا سِج جي تپش جي ڪري پاڻي بخارتن جي صورت ۾ تبديل ٿي آسمان جي طرف هليو ويندو آهي.
ان ڳالهه جو مثال پاڻ ايئن ڏينداسين ته جڏهن اسين پنهنجي گهر ۾ پاڻي ڪوسو ڪرڻ لاءِ باھ تي رکندا آهيون ته ڪجهه منٽن کان پوءِ اھو باھ تي رکيل پاڻي ٻڙڪندو آهي ۽ گرم پاڻيءَ مان دونهان نڪرڻ شروع ٿيندا آهن جيڪي آسمان جي طرف لاڙو پيدا ڪندا آهن. اهڙي نموني سان سِج جي تپش جڏهن درياهن يا سمنڊن تي پوندي آهي ته درياهن يا سمنڊن جو پاڻي آهستي آهستي ٻاڦ جي صورت ۾ آسمان ۾ گڏجي پاڻيءَ سان ڀريل جهڙ ٺاهيندا آهن. پوءِ اُھو پاڻي جُهڙن (Clouds) مان مينهن کي جنم ڏئي ساڳيو ئي زمين تي وسڪاري جي صورت ۾ ايندو آهي.پاڻ پاڻيءَ جي ان چڪر کي واٽر سائيڪل چئون يا هائيڊرو سائيڪل چئون ٻنهي صورتن۾ ڳالهه پاڻيءَ جي ٿي رهي آهي.
ٻي اهم ڳالهه اها آهي ته پاڻيءَ جو بخاراتن ۾ تبديل ٿيڻ ڪنهن جڳه يا ڪنهن سطح تي depend ڪندو آهي. جيترو گهڻو اوچائيءَ سان حرارت جو درجو اوچو هوندو اوترو ئي گهڻي پاڻيءَ جي ٺهڻ جو ريٽ به وڌندو،اهو ئي سبب آهي ته سامونڊي توڙي پهاڙي علائقن ۾ برسات وڌيڪ ريٽ ۽ گھڻي ڀاڱي ٿيندي آهي.
پاڻيءَ جو بخارتن ۾ تبديل ٿيڻ (Evaporation): پاڻي مختلف جڳهن ۽ ھر وقت جھڙوڪ درياهه، سمنڊ، سوئمنگ پولز، ناليون ، گٽر ۾ ايتري قدر جو پاڻي ڪٿي به ڪنھن به صورت ۾ موجود آهي سو ھر وقت بخاراتن ۾ تبديل ٿيندو رهي ٿو.پاڻي جاندارن جي جسم مان پگهر ذريعي ۽ ٻوٽن مان ٽرانسميشن پراسس ذريعي بخاراتن ۾ پڻ تبديل ٿيندو رهي ٿو.
بخارن جو پاڻ ۾ ملڻ يا ڳنڍجڻ (Condensation) : پاڻيءَ جو بخارن ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ، بخارن جو پاڻ ۾ ملڻ يا ڳنڍجڻ جو مرحلو شروع ٿيندو آهي،سياري جي موسم ۾ توهان ڪڏهن ڪوهيڙو يا ڌنڌ ڏٺو آهي، ڇا توهان ڪڏهن سوچيو آهي ته اھو ڇو ٿيندو آهي، اھو ته پاڻ معلوم آھي ته ڌنڌ يا ڪوھيڙو پاڻيءَ مان ٺھندو آھي. سياري ۾ ان جي ٺهڻ جو سبب اهو آهي ته ، سياري ۾ گرميءَ وارو درجو گھٽ ھوندو آھي جنھن ڪري پاڻي بخارن ۾ تبديل ٿيڻ کان پوءِ گھاٽو ٿي ويندو آهي، عام نارمل موسم ۾ جنھن وقت پاڻيءَ جا اهي بخارات فضاء ۾ جنھن وقت گردش ڪندا آهن ته اهي ٻين پارٽيڪلز سان ملي چنبڙي پوندا آهن جنھن سبب بوندون ٺھڻ شروع ٿينديون آهن.اھي بوندون آسمان ۾ پاڻ سان ٽڪرائجي جھڙ پيدا ڪنديون آهن.
برسات جو عمل (Precipitation): جڏھن آسمان ۾ وڏا وزنائتا جھڙ ٺهڻ شروع ٿيندا آهن ته ان وقت مٿن (Gravity) ڪشش/ثقل اثر انداز ٿيندي آھي جنھن سبب مينهن وسندو آهي.ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو آھي ته زمين جي سطح اوچي ھجڻ( يعني پهاڙي علائقن جي) ڪري گرميءَ جو درجو تمام گھٽ ٿي ويندو آهي ، جنهن سبب مينهن جو پاڻي برف ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ، پوءِ اهڙن علائقن ۾ مينهن جي بنسبت برف جو ڪرڻ وڏي تعداد ۾ ٿيندو آھي ، جنهن کي پاڻ انگريزيءَ ۾ snowfall چئون ٿا، اھڙي قسم جا علائقا پاڪستان ۾ ڪوهه مري جو مثال پڻ آهن.
پاڻيءَ جو جمع ٿيڻ (Collection of water) : مينهن جو پاڻي زمين جي سطح تي پهچڻ کان پوءِ ٻيهر بخارن ۾ تبديل ٿيڻ شروع ٿيندو آھي. مينهن جو اھو پاڻي ٻيهر پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو آهي جنهن جو رخ گٽرن ، نالن ، درياهن توڙي سمنڊن ڏانهن هوندو آهي. اهڙي نموني سان اسانجي گهرن، ڪارخانن، ڪمپنين ، وغيره جو گندو يا بيڪار پاڻي هڪ هنڌ گڏ ٿي پوءِ بخارن ۾ تبديل ٿي ويندو آهي ، يا ان پاڻيءَ کي فلٽر پلانٽس ۾ فلٽر ڪري صاف سٿرو يا پيئڻ توڙي استعمال لائق بڻايو ويندو آهي. جيڪو واري recycle ٿي اسانجي گهرن، ڪارخانن، يا ٻين ادارن تائين پهچي ٿو. اهڙيءَ طرح ڌرتيءَ جو پاڻي سدائين چڪر ۾ آهي ، اھي ئي سبب آهي ته ڌرتيءَ جو پاڻي ڏينهون ڏينهن استعمال ٿيڻ جي باوجود به ختم ناهي ٿيندو، / ڌرتيءَ جو پاڻي سدائين گردش ۾ آهي.
ڪڏهن ڪڏهن ته درياهن توڙي سمنڊن جو پاڻي آبي بخارن ۾ تبديل ٿيڻ دوران مڇين جا انڊا به آسمان ڏانھن ھليا ويندا آهن ، جنھن سبب مينھن سان گڏ آسمان مان مڇيون پڻ ڪرنديون آھن. مڇين جو آسمان مان ڪرڻ پاڻيءَ جي چڪر (Water cycle) جو نظام آهي، نه ئي ڪو معجزو يا ڪرامت آهي،اميد ته توهان سڀئي پاڻيءَ جي چڪر(water cycle) مان خوب واقف ٿي ويا ھوندا.