ملڪ ۾ تاحال چونڊ سرگرميون شروع نھ ٿي سگھيون آھن.نگران سيٽ اپ جو اصل مقصد تھ ملڪ ۾ چونڊن منعقد ڪرائڻ ۾ مدد ڏيڻ ئي آھي.پرھن وقت تائين ملڪ ۾ چونڊن جي ڪنھن بھ چرپر شروع نھ ٿيڻ ڪري عوام ڳڻتي ۾ ورتل آھي.
تازو پنجاب جي دوري تي نڪتل پيپلزپارٽي جي چئيرمين بلاول ڀٽو زرداري پنھنجي جلسن ۾ الڪشن ڪميشن کان اھو مطالبو ڪندو رھيو آھي تھ 90 ڏينھن جي اندر چونڊون ڪرايون وڃن.پر تاحال اليڪشن ڪميشن ان سلسلي ۾ ڪنھن بھ قسم جو ڪو اھڙو اشارو يا ڪا اھڙي پڌرائي جاري نھ ڪئي آھي،جنھن سان اھو محسوس ٿئي تھ چونڊون 90 ڏينھن جي اندر ٿي وينديون.ملڪ ۾ اڳي ئي موجود معاشي، سياسي ۽ آئيني معاملا جئين جو تئين موجود آھن.ان وچ ۾ سپريم ڪورٽ جي نئين چيف جسٽس پاران حلف کڻڻ بعد ملڪ جي سمورين سياسي ڌرين توڻي عوام ۾ ھڪ اميد پيدا ٿي وئي آھي تھ ڪنھن نھ ڪنھن طرح ملڪ بھتري واري گس تي اچي ويندو.
ان وچ ۾ لڳ ڀڳ سموريون مک سياسي ڌريون اھا شڪايت ڪري رھيون آھن تھ کن ليول پليئنگ فيلڊ نھ پئي ڏني وڃي.اھا دانھن پنجاب جي حوالي سان پاڪستان پيپلزپارٽي ڪري پئي،تھ وري ايم ڪيو ايم اڳواڻن پڻ ساڳي شڪايت ڪئي آھي.ان سان ئي ملندڙ جلندڙ ڳالھھ ھن کان اڳ مسلم ليگ (ن )بھ ڪندي رھي آھي،ساڳي شڪايت پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪجهھ حلقن مان بھ سامھون اچي رھي آھي.
ان پس منظر ۾ پوءِ سوال ھي آھي تھ آخر ڪنھن کي ڪناري ڪيو پيو وڃي يا وري ھن ڀيري اسٽيبلشمنيٽ ڪنھن کي ”لاڏلو“ بڻائي رھي آھي،جنھن بابت پڻ ڪا ڳالھھ چٽي نھ ٿي رھي آھي، سياسي مبصرن جوچوڻ آھي تھ چونڊ سرگرمين شروع ٿيڻ بعد ئي ان ڳالھھ جو پتو پئجي سگھندو تھ ”ميدان ۾ ڊوڙندڙڪھڙي گھوڙي“ تي شرط لڳايو ويو آھي.بدقسمتي سان ملڪ جي سياسي اڳواڻن جي بلوغت کان وانجھيل ھئڻ ڪري ملڪ ۾ سياسي بحران جنم ورتو آھي،جنھن جا سموري معاشري تي اثر پئجي رھيا آھن.ھر دور ۾ ڪا نھ ڪا جماعت ڪوشش ڪري پاڻ وڻائڻ جي لاءِ اسٽيبلشمنيٽ وٽ پاڻ کي آڇي ٿي،جنھن سان ٻين سياسي ڌرين ۾ بھ اھو ئي خيال پيدا ٿئي ٿو تھ ملڪ ۾ سياست جي لاءِ اسٽيبلشمينٽ جو ”منظور نظر“ ھجڻ لازمي آھي،جڏھن تھ ان سلسلي ۾ ٿيندڙ مقابلي ۾ ڪنھن بھ سياسي ڌر نھ گھٽايو آھي.
جيڪڏھن سياسي ڌريون سياسي بلوغت جو مظاھرو ڪن ھا تھ 2008ع ۾ پرويز مشرف جي حڪومت جي خاتمي کان پوءِ، چونڊ سرشتو متعارف ڪرايو ٿيو ۽ ٽن مختلف پارٽين حڪومتون سنڀاليون. جيڪڏهن اهي سختي سان جمهوري مزاج سان عمل ڪن ھا تھ فوج ۽ عدليه آئين جي مقرر ڪيل حدن اندر رهي پنهنجا فرض ادا ڪن ها. پر افسوس جو اھي قميتي پندرهن سال سياسي ڌرين جي ڇڪ ڇڪان سبب ضايع ٿي ويا. هڪ معتبرحڪومتي نظام نھ ھئڻ جي ڪري، ملڪ جي معيشت ۽ سفارتي مسئلن کي منهن نه ڏنو ويو.جنھن ڪري ھن وقت اھي معاملا وڌي وڻ ٿي ويا آھن.
ماضيءَ جي مشاهدي مان معلوم ٿئي ٿو ته پهرين پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت منظم ٿي ۽ عمران خان ميموگيٽ اسڪينڊل کي پيپلز پارٽيءَ جي سازش قرار ڏئي دھل وڄائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. نواز شريف کي مقرر ڪيو ويو ته آصف زرداري جي حڪومت خلاف عدالت ۾ وڃي مستقبل جي حڪومت کي لالچ ڏئي ان کي ڪمزور ڪيو وڃي. 2013ع ۾ جڏهن نواز شريف جي قيادت ۾ مسلم ليگ (ن) جي حڪومت قائم ٿي ته تحريڪ انصاف ۽ پاڪستان عوامي تحريڪ پاران ڌرڻا هڻي ان کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. پر آصف زرداري جي عقلمندي سان پارليامينٽ نواز شريف جي حمايت ڪئي ۽ اها سازش ناڪام ٿي وئي. ان کان پوءِ تحريڪ لبيڪ پاڪستان پاران فيض آباد ڌرڻي ذريعي ان کي چئلينج ڪيو ويو. ڊان ليڪس حڪومت کي مسلسل دفاعي پوزيشن ۾ ڌڪي ڇڏيو ۽ آخرڪار پاناما پيپرز جي مدد سان هڪ مشهور ليڊر کي نااهل ڪري جيل موڪليو ويو.
ان کان ملڪ ۾ هائبرڊ سسٽم قائم ڪرڻ جي رٿابندي ٿي ۽ عمران خان جي اڳواڻي ۾ ’ون پيج‘ حڪومت قائم ڪئي وئي. ٿورڙي مهمان نوازيءَ کانپوءِ هڪ سياسي پارٽي ۽ فوج جو اهو گڏيل منصوبو ناڪام ويو. اپريل 2022 ۾ بي اعتماد رٿ جي ڪاميابي هن تجربي جو آخري نمونو ھو. عوام بھ ھن دور ۾ سڄي قصي کان مڪمل آگاھ آھي.ان ڪري اصل ڳالھھ ھي سمجھڻ جي آھي تھ ملڪ ۾ ڪو به اهڙو نظام ڪم نه ڪندو جنھن ۾ عوام جو اعتماد ۽ عالمي اعتماد حاصل نه پيدا نھ ٿي سگھندو. فوج پاران چونڊن ۾ ڌانڌلي ذريعي اقتدار تي قبضو ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش سان پاڪستان جو جاري بحران وڌيڪ ڳنڀير ٿيندو. ڇو ته ڪنهن فوجي اڳواڻ طرفان سڌي ريت حڪومت تي قبضو ڪرڻ جو ڪو به منصوبو ملڪ جي قسمت کي داءُ تي لڳڻ جي برابر هوندو.
ملڪ جون سياسي پارٽيون ۽ فوجي قيادت موجوده سياسي، معاشي، سماجي ۽ سفارتي بحران کي حل ڪرڻ جا ڪھڙا بھ خواب ڏسن پر بنيادي ڳالھھ ھيءَ آھي تھ طاقت ذريعي عوام جي راءِ کي نظرانداز ڪرڻ جون ڪوششون اڳي بھ ناڪام ٿي چڪيون آهن. جيڪڏھن ڪنھن بھ ڌر ٻيهر اهڙي تجربي جي ڪوشش ڪئي تھ ان سان ملڪ ۾ خوفناڪ طوفان اچي سگھي ٿو.جنھن ۾ ٿيل نقصان جو شايد ازالو ٿيڻ ممڪن نھ ھجي.
سمورين سياسي ڌرين کي ھڪ ٻئي جو احترام ڪندي ملڪ ۾ عام چونڊن جي لاءِ گڏ ٿيڻ گھرجي.اھو فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏنو وڃي تھ اھو ڪنھن کي چونڊي ٿو.ان بعد ملڪ جو واڳون ان حوالي ڪيون وڃن.جيڪڏھن ھاڻي ڪنھن بھ سياسي ڌر اسٽيبلشمنيٽ سان گڏجي ڪري ٻين جماعتن جو رستو روڪڻ جي ڪوشش ڪئي تھ ان سان مستقبل ۾ سياسي ڇڪتاڻ ويتر وڌندي، اصل مسئلو سياسي بي يقيني آھي. اھا وڌي وئي تھ باقي بحران مان ملڪ ڪڏھن بھ نھ نڪري سگھندو.
حل ھڪڙو ئي آھي تھ سمورين سياسي جماعتن کي ھڪ جھڙو ميدان مھيا ڪيو وڃي ۽ ڪنھن سان ڪا رعايت نھ ڪئي وڃي، اجو سڀ ڪجهھ عوام کي نظر بھ اچڻ گھرجي.عوام ئي بھتر پرک ڪري سگھندڙ اصل قوت آھي.