خلائي مخلوق!

شازيه مظهر

”بريڪنگ نيوز بريڪنگ نيوز …. دنيا تي جلد خلائي مخلوق حملو ڪرڻ واري آهي، اٿو ھمت ڪيو، ھر ڪو پنھنجي واھر پاڻ ڪري..“  ھي بابو ڇا ٿو چوي، چريو ٿيو آهي ڇا ؟بس ۾ رشيد ھن بابي کي وڏي آواز ۾ اخبار مان سرخي پڙھندي ڏسي ڪاوڙ مان نھاري وري ٻئي پاسي منھن ڪري پيو ڇڏي. ابا اخبار نه وٺندين، ڏس ته ڪيڏي وڏي خبر آئي آهي.بابا ڇڏ منهنجي جان اسان کي  اڳئي مهانگائي جي جانور ڳرڪائي ڇڏيو آهي تون وري انھن ڪوڙين اخبارن جي ڪوڙين خبرن جا حوال پيو ٻڌائين. نه ڪر يقين پر خبر سچي آھي بابا جواب ڏنس.

رشيد بس واري سفر جي سڄي ڪاوڙ ويچاري ھن پوڙھي تي لاھي ڇڏي. ڪاوڙ به ڇو نه اچي. اتحاد تنظيم يقين جي بنياد تي ٺھيل ملڪ ۾ منزل ھجي ڪورنگي جي  پر بس وارا نڀاڳا گھمائيندا سڄي ڪراچي، ڀلي گھمائن ڪراچي. ھونئن به ھن مشڪل دور ۾ پنھنجي خرچي ته ڪير ٿو گھمي سگھي پر گھمايو ته فضيلت سان. پاسي ۾ ويٺل پان کائيندڙ جي ٿڪن جا ڇنڊا منھن تي پيا پون . سامھون واري سيٽ تي ويٺل مائي جي ٻار جي الٽي ھوا جي زور سان اچي منھن تي لڳي  اھڙي سفر کان گڏھه گاڏي ڀلي. بس مان لھڻ لاءِ  وري ھڪ ٻيو طريقو به اچڻ گھرجي اھو طريقو آهي ٽپو ڏيڻ، جيڪڏھن ٽپي ڏيڻ جا ماھر آھيو ته بس ۾ سفر ڪيو نه ته ڪورنگي کان پوءِ  ملير يا کوکراپار ته ضرور پھچي ويندؤ.

بھرحال، رشيد ٽپي ڏيڻ جو ماھر ھيو ان ڪري خيريت سان ڪورنگي پھچي ويو.  گھٽي ۾ جيئن ئي پير رکيائين، گٽر پنھنجا وات کولي، مرڪندي سندس آڌر ڀاءُ ڪرڻ لاءِ  تيار بيٺا ھيا . حرام آ ڪنھن گٽر تي ڪو ڍڪ لڳل ھجي پر ھا اھو ضرور ٿيندو آهي ته ڪي الله جي خوف ڪري پنھنجي گھر جي پراڻي ڪرسي گٽرن تي رکي ڇڏيندا آهن ته جئين ڪو ٻار يا پوڙھو انھن ۾ ڪري نه پوي پر وري اسان وارا خلائي مخلوق مطلب اسان جا ٻار ھن ڪرسي جي مٿان ويھي ٿوري دير لاءِ  پاڻ کي ھن علائقي جو ڪائونسلر سمجھڻ لڳندا آهن.

گٽر جي ”خوشبو دار“ پاڻي مان لگهندي جڏھن ھو گھر ۾ گھڙي ٿو ته گلي جو آوارا ٻلو پيرن ۾ اچي ڪيرائي ٿو ڇڏيس گھر ۾ روز جي معمول جي مطابق لائيٽ نه ھئڻ جي ڪري اونداهي ۾ اڪثر ڪڏھن ٻلي پيرن ۾ اچي ويندي اٿس ته ڪڏھن وري ٻلو بس اھو چڪر ھلندو رھندو آھي.  بل جي باقاعدگي سان ادائيگي ڪرڻ  باوجود لوڊشيڊنگ جو مزو وٺڻ ضروري ٿي پيو آهي.  اڄ رشيد جي خوش قسمتي ھئي جو بس واري سڄو لوڊشيڊنگ وارو ٽائيم گھمائيندي گھمائيندي ڪڍي ويس، بس باقي ٻلي سان ٽڪر لازمي ھئيس سو ٿيس پر پاڻي جو گلاس پي رهيو هو ته لائيٽ اچي وئي. پاڻي جو گلاس اڃان  نڙي تي ئي پھتو ھوندس ته پٽ کي سڏ ڪري ٽي وي کولڻ جو  چيائين. نيوزڪاسٽر ائين پئي خبرون پڙھي ڄڻ مٿي تي ڪير ڏنڊو کڻي بيٺو ھجيس. رشيد چينل مٽائڻ لڳو ته اوچتو بي بي سي جي چينل تي بيهي ويو،  جنھن ۾ خبر ھلي رھي ھئي ته ناسا وارن کي ڪنھن ذريعن موجب خبر ملي آهي ته جلد دنيا تي خلائي مخلوق حملو ڪندي پر ان ڏس ۾ ناسا پنھنجي ڪوششن ۾ لڳو پيو آهي ته ائين نه ٿئي. ھل، مطلب ته ھو پوڙھو سچ پيو چوي، رشيد سوچن ۾ گم ٿي ويو.

ناسا وارن کي ڪو الله پڄي، ڇو ٿا روڪ ڪن انھن منھنجي ڀائرن کي. مونکي ڪٿان ملي وڃي انھن ناسا وارن جو نمبر ته منٿون ڪيان ابا، ڀلي اچن اسان جي ملڪ ۾ پوءِ  ڀلي ملڪ ۾ نه اچن کڻي ته  اسان جي سنڌ ۾ ئي اچن. ڪجھه  وقت لاءِ  اچن. آءِ ايم ايف جو قرض لاھي وڃن، روڊ رستا اسڪول اڏي وڃن. جانورن کي انسان بڻائي وڃن، گٽرن تي ڍڪ ھڻي وڃن. ڪامورن سرمائيدارن ۽ ڪوڙن سياستدانن کي چنبا ھڻي صحيح ڪري وڃن.  ڪورنگي وڃڻو ھجي ته سڌو ڪورنگي ئي وڃون. شھر جون ديوارون صاف ڪري وڃن جنھن تي جسم جي ڪمزوري ۽ عامل بابا بنگالي جا مفت مشورا  سھڻي لفظن سان لکيل آھن.  محبوب کي قدمن ۾ ويھارڻ جي خوابن جي ڪوڙي ساڀيان کي گھٽ ۾ گھٽ ھي خلائي مخلوق ته پوري ڪندي!  ننڍڙن ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪري حويلين ۽ بنگلن وارن جون ننڊون ته خراب ڪندا .

مار پوي شل ناسا وارن کي، ڇو ٿا منع ڪن انھن کي اچڻ کان.  اچو بابا، اچو اسان کي اوھان جي ضرورت آھي، سنڌ کي اوھان جي ضرورت آھي. ھاڻي ته وري اليڪشن به ٿئي ٿي. اچو ادا اسان جي ڪا سار لھو. اسان کي اھا ساڳيا چھرا نه گھرجن جنھن اسان جي ملڪ کي تباھي تي پھچائڻ ۾ ڪا ڪسر ناهي ڇڏي.انھن عاجوجن ماجوجن کان ته اوھان بھتر ھوندو.  ڪيترو نه سڪون ۽ پيار سان گڏجي خلا ۾ ويٺا آھيو. ڪڏھن نه ٻڌو ته ڪو خلا ۾ بم ڦاٽو، ڪا خون ريزي ٿي. اسان انسانن ته  دنيا تباھ ڪري ڇڏي آهي سو اچو بابا اچو ڇڏيو انھن ناسا وارن کي. منھنجي سنڌ پڪاري ٿي اسان مصيبت ۾ ڦاٿل آھيون. اچو ڪا سار لھو، اسان جا ٻار مرن پيا، اسان جون مايون روز مرن ٿيون، جوان پٽ ھن ڌرتي جا ڪسجن ٿا. ڏسان ڪير ٿو منع ڪري آئون آھيان نه اوھان جي آڌر ڀاءُ لاءِ .

ايئن چئي ھن زور سان رڙ ڪئي ۽ ھٿ مان چانھن جو ڪپ ڪري پيس مار! ناسا جون خلائي مخلوق سان ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.