شهيد مرتضيٰ ڀٽو جي ورسي، آصف زرداري ۽ بلاول پاران ڀيٽا پيش

ڪراچي(رپورٽر) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جمهوريت پسند سوچ ۽ سڄي زندگي عوامي حقن لاءِ سرگرم عمل رهڻ مشعل راهه آهي.

بلاول هائوس ميڊيا سيل طرفان جاري ڪيل بيان مطابق بلاول ڀٽو زرداري شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو کي ان جي 27هين يوم شهادت تي خراج عقيدت پيش  ڪيو ۽ چيو ته هن کي هڪ سازش ذريعي قتل ڪيو ويو، سازش اها هئي ته ”هڪ ڀٽو کي نشانو هڻائڻ لاءِ، ٻي ڀٽو کي ماري ڇڏيو.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستاني عوام جي سياسي ۽ جمهوري آزادين ۽ معاشي حقن جي خاطر ڀٽو خاندان جيڪي قربانيون ڏنيون آهن، اهي بي مثال آهن. هن چيو ته شهيد مير مرتضي ڀٽو جي قرباني رائيگان نه ويندي، اسان پاڪستان کي جمهوريت، ترقي ۽ مساوات جو گهوارو بڻائي هن جي خواب کي حقيقت بڻائينداسين.

هوڏانهن پاڪستان پيپلزپارٽي پارليامنٽيرينز  جي صدر آصف علي زرداري مير مرتضي ڀٽو جي يوم شهادت جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مير مرتضيٰ ڀٽو کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته مرتضيٰ ڀٽو شهيد بهادر ۽ جمهوريت پسند اڳواڻ هو مير مرتضيٰ ڀٽو جو قتل پاڪستان پيپلزپارٽي جي قيادت ۽ جمهوريت خلاف گندي سازش هئي.

هن چيو ته مير مرتضي ڀٽو شهيد آئين ۽ جمهوريت جي بحالي لاءِ جدوجهد ڪئي هئي. آصف علي زرداري چيو ته مير مرتضي ڀٽو جو قتل اصل ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي جمهوري حڪومت جي خاتمي جي سازش هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.