ايران جي تيل آمدني تي آمريڪا جون اکيون، ڪرپٽو ۾ موجود 6 ڪروڙ ڊالر ضبط ڪرڻ جي ڪوشش

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ نيويارڪ جي ڏاکڻي ضلعي جي پراسيڪيوٽر عدالت ۾ درخواست داخل ڪئي آهي ته ڪرپٽو ڪرنسي ۾ موجود ايران جا 6 ڪروڙ 10 لک ڊالر ضبط ڪيا وڃن، جيڪي مبينا طور بليڪ مارڪيٽ ۾ تيل وڪرو ڪري حاصل ڪيا ويا.
آمريڪي اختيارين موجب، اهي اثاثا ايران جي هٿياربند فوج، جنهن ۾ پاسدارانِ انقلاب پڻ شامل آهي، طرفان پابندين هيٺ آيل ڪچي تيل ۽ پيٽروليم شين جي وڪري مان حاصل ٿيندڙ آمدني سان لاڳاپيل آهن.
آمريڪي اسسٽنٽ پراسيڪيوٽر شان ايس بڪلي ۽ ايف بي آءِ جي نيويارڪ فيلڊ آفيس جي ايڊمنسٽريٽر جيمز سي بارناڪل جونيئر اٽڪل 6 ڪروڙ ڊالر ماليت جي ڪرپٽو اثاثن کي ضبط ڪرڻ لاءِ داخل ڪيل ڪيس جو اعلان ڪيو.
شان بڪلي موجب، ايراني حڪومت پنهنجي فوجي سرگرمين جي مالي مدد، وچ اوڀر ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ دهشتگردي جي مبينا سرپرستي، ايٽمي پروگرام ۽ ايٽمي هٿيار کڻڻ جي صلاحيت رکندڙ بيلسٽڪ ميزائلن جي تياري لاءِ پابندين هيٺ آيل ڪچي تيل جي بليڪ مارڪيٽ ۾ وڪري تي ڀاڙيندي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران چين ۽ ٻين هنڌن تي موجود ڪرپٽو ڪرنسي نيٽ ورڪن ذريعي تيل جي وڪري مان حاصل ٿيل 1.5 ارب ڊالر کان وڌيڪ جي مبينا غيرقانوني آمدني کي مني لانڊر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته اها رقم ايران جي فوج ۽ پاسدارانِ انقلاب کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيڻ واري هئي.

You might also like