حوثين جا حملا، سعودي ۾ هاءِ الرٽ، مڪي شريف ۾ شهرين کي محفوظ هنڌن منتقل ٿيڻ جي هدايت

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي ڪابينا حوثين طرفان ملڪ ۾ شهرين ۽ شهري انفرااسٽرڪچر تي مسلسل ۽ ڄاڻي واڻي ڪيل حملن جي سخت مذمت ڪئي آهي، جڏهن ته مڪي شريف ۾ امڪاني خطري کي نظر ۾ رکندي شهرين لاءِ حفاظتي هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن.
سعودي سول ڊفينس طرفان ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ شهرين کي پرسڪون رهڻ ۽ سرڪاري هدايتن تي عمل ڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ويو آهي ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ فوري طور ويجهي محفوظ هنڌ، عمارت يا دريائن کان پري ڪنهن اندروني ڪمري ۾ منتقل ٿي وڃن ۽ خطرو ٽرڻ تائين اتي ئي رهن.
اختيارين شهرين کي غير ضروري طور گهرن يا عمارتن کان ٻاهر نه نڪرڻ، کليل هنڌن، دريائن ۽ شيشن کان پري رهڻ، جڏهن ته بالڪوني يا ڇت تي بيهڻ کان پاسو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
سول ڊفينس موجب، شهرين کي گوڙ ۽ خطرناڪ علائقن کان پري رهڻ سان گڏ تصويرون ٺاهڻ کان پڻ پاسو ڪرڻ گهرجي.
اختيارين چيو آهي ته ڊرائيونگ دوران موبائل فون تي هنگامي الرٽ ملي ته گاڏي روڊ جي پاسي ، پلن ۽ اوچين عمارتن کان پري محفوظ هنڌ تي بيهاري وڃي.
سعودي اختيارين موجب، مڪي، مديني، رياض ۽ اوڀر صوبي ۾ هنگامي صورتحال جي اطلاع 911، جڏهن ته ٻين علائقن ۾ 998 تي ڏني ويندي.
شهرين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته لاڳاپيل اختيارين طرفان سرڪاري ذريعن ذريعي جاري ڪيل هدايتن تي عمل ڪن.
ٻئي پاسي سعودي ڪابينا گڏيل قومن جي منشور ۽ عالمي قانون تحت سعودي عرب جي پنهنجي دفاع، خودمختياري، شهرين، رهواسين ۽ اهم مفادن جي تحفظ واري حق جي پڻ توثيق ڪئي آهي.

You might also like