”آپريشن ايپڪ فيوري“ ايران سان جنگ ۾ آمريڪي فوج جي جاني ۽ مالي نقصان جا انگ اکر پڌرا

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي فوج ايران خلاف جنگ دوران ٿيل نقصان، مارجي ويل ۽ زخمي فوجين جا تفصيل جاري ڪندي اعتراف ڪيو آهي ته جنگ ۾ وڏي مقدار ۾ گولا بارود استعمال ٿيڻ سبب آمريڪي فوج جي هٿيارن جي ذخيرن ۾ گهٽتائي آئي.
آمريڪي ڪانگريس لاءِ مرڪزي انسپيڪٽر جنرل پاران تيار ڪيل رپورٽ ۾ 30 جون 2026 تائين جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو آهي. رپورٽ موجب، ”آپريشن ايپڪ فيوري“ دوران 28 فيبروري کان 30 جون تائين 11 آمريڪي فوجي جنگي ڪارروائين ۾ مارجي ويا، جڏهن ته 7 فوجي غير جنگي واقعن ۾ حياتي وڃائي ويٺا ۽ 417 زخمي ٿيا.
رپورٽ موجب، جنگ دوران جهجهي مقدار ۾ گولا بارود جي استعمال سبب آمريڪي فوج جا ذخيرا گهٽجي ويا، جڏهن ته انهن کي ٻيهر ڀرڻ لاءِ هٿيارن جي پيداوار وڌائڻ ۾ به رنڊڪون سامهون آيون.
آمريڪي بچاءَ واري کاتي جي رپورٽ ۾ هٿيارن واري صنعت جي مسئلن ۾ سولڊ راڪيٽ موٽرز جي پيداوار، جديد بارودي مواد ۽ پروپيلنٽس جي دستيابي ۽ ماهر افرادي قوت جي کوٽ کي اهم رنڊڪون قرار ڏنو ويو آهي.
رپورٽ موجب، پيداواري صلاحيت وڌائڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو.
رپورٽ ۾ سينٽڪام جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته ايراني حملن سبب ڪويت، بحرين، قطر، گڏيل عرب رياستن، سعودي عرب، عراق، عمان ۽ اردن ۾ آمريڪي فوجي اڏن جون سوين عمارتون ۽ ٿاڪ نقصان جو شڪار ٿيا يا تباهه ٿي ويون.
آمريڪي فوج موجب، آپريشن دوران ڪيئي جنگي ۽ فوجي جهاز پڻ تباهه يا نقصان جو شڪار ٿيا.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته 4 ايف-15 اي جنگي جهاز تباهه ٿيا، جن مان 3 پنهنجي ئي فورسز جي فائرنگ ۽ هڪ دشمن جي فائرنگ سبب تباهه ٿيو.
هڪ ايف-35 اي جنگي جهاز کي ايران مٿان پرواز دوران دشمن جي فائرنگ سان نقصان پهتو، جڏهن ته هڪ اي-10 جهاز جنگي ڳولا ۽ بچاءَ واري مشن تان واپسي دوران نقصان سبب تباهه ڪيو ويو.
رپورٽ موجب، 7 ڪي سي-135 ٽينڪر جهاز پڻ تباهه يا نقصان جو شڪار ٿيا، انهن مان هڪ عراق جي هوائي حدن ۾ ٽڪر سبب تباهه ٿيو، هڪ کي نقصان پهتو، جڏهن ته 5 جهاز سعودي عرب ۾ ايراني حملن جو نشانو بڻيا.
ان کانسواءِ سعودي عرب ۾ هڪ اي-3 فضائي نگراني واري جهاز کي نقصان پهتو، جڏهن ته هڪ ايڇ ايڇ-60 ڊبليو هيلي ڪاپٽر جنگي ڳولا ۽ بچاءَ جي ڪارروائي دوران متاثر ٿيو.
رپورٽ موجب، هڪ ايم ڪيو-4 سي بنا پائلٽ جهاز ڪِري تباهه ٿيو، جڏهن ته 4 اي ايڇ-6 هيلي ڪاپٽرز کي اهڙي قسم جو نقصان پهتو جو آمريڪي فورسز انهن کي پاڻ ئي تباهه ڪري ڇڏيو.
دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته هڪ اي ايڇ-64 هيلي ڪاپٽر آبناءِ هُرمُر مٿان ۽ هڪ ايم ايڇ-60 هيلي ڪاپٽر عربي سمنڊ ۾ ڪِري تباهه ٿيو.
ان کانسواءِ ايم ڪيو-9 قسم جا 30 نگراني ۽ حملي آور ڊرونز جي تباهه ٿيڻ جو اطلاع ڏنو ويو.

You might also like