سنگين معاشي بحران، موٽرسائيڪلن ۽ گاڏين جي وڪري ۾ لاٿ

ڪراچي (رپورٽر) ملڪ ۾ هن وقت معاشي حالتون ڏکيون آهن جنهن جو اعتراف سياستدان ۽ حڪمران ته ڪري رهيا آهن پر عوام غربت جي لڪير هيٺيان اچڻ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿي رهيو آهي،گذريل ڪجهه وقت ۾ پيٽرول ايترو مهانگو ٿي ويو آهي جو ماڻهن گاڏين ۽ موٽرسائيڪلن بدران پيادل يا وري بس جي سفر کي ترجيح ڏيڻ شروع ڪري ڇڏي آهي.

سنڌ حڪومت جي ايڪسائز کاتي  جي ذريعن عوامي آواز کي ٻڌايو ته جڏهن موٽر سائيڪلن جي قيمت 35  کان هزار 40 هزار رپيا هئي ته روزاني جي حساب سان 1500 نيون موٽرسائيڪلون خريد ۽ رجسٽريشن جو رڪارڊ هئو  ۽ گاڏيون روزاني جي بنياد تي 1500 خريد ۽ رجسٽريشن جو تناسب رڪارڊ هئو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته  2013 جي (ن) ليگ جي حڪومتي دور کانپوءِ مهانگائي ڏينهن ڏينهن وڌندي رهي. هن وقت اهي موٽرسائيڪلون لکين رپين جو ٿيڻ ۽ پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن سبب روزاني جي بنياد تي  سنڌ حڪومت جي رجسٽريشن کاتي ۾ هن وقت صرف موٽر سائيڪلون رڳو 220 ۽ گاڏيون 40 کان 50  روزاني جي بنياد تي رجسٽريشن ٿي رهيون آهن.

ان سلسلي ۾ عام ماڻهن جي وس کان ٻاهر پيٽرول ۽ گاڏين جي قيمتن کي ڏسندي صرف 660 سي سي امپورٽڊ گاڏين کي عوام ترجيح ڏئي رهيو آهي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته غريب توڙي وچولي طبقي جي خريداري سگهه ڪيتري متاثر ٿي آهي.

ذريعن موجب موٽرسائيڪل ٺاهيندڙ ڪمپني جو چوڻ هو ته جڏهن ملڪ جي معاشي صورتحال بهتر  هئي ته هر مهيني 70 هزار کان وڌيڪ موٽرسائيڪلون تيار  ٿينديون هيون  جيڪو انگ هاڻي رڳو 6 هزار تي پهتو آهي جيڪو نه هجڻ برابر آهي.

ذريعن جو چوڻ هو  ته معاشي رفتار اهڙي رهي ته موٽرسائيڪلن جي روزاني وڪري جي شرح به رڳو 100۽ گاڏين جو وڪرو 50  کان به هيٺ اچي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.