نواز شريف پاران احتساب جو مطالبو، اسٽيبلشمينٽ جو امتحان

اسلام آباد (عوامي آواز نيوز) نواز شريف وطن ورڻ کان اڳ هڪ ڀيرو ٻيهر سخت موقف اختيار ڪري اسٽيبلشمينٽ کي امتحادن ۾ وجهي ڇڏيو آهي. ڇو ته نواز شريف جو موقف آهي ته 2018ع ۾ عمران خان کي اقتدر ۾ آڻي ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائيندڙ ڪردارن جو جيستائين احتساب نه ٿيندو تيستائين ملڪ اڳتي وڌي نه سگهندو ۽ نه ئي ترقي ڪري سگهندو.

نواز شريف جنرل (ر)  قمر جاويد باجوه ، جنرل فيض حميد، آصف سعيد کوسا ۽ ثاقب نثار جا نالا به وٺي رهيو آهي، ظاهر آهي ته اهو اسٽبلشمينٽ لاءِ امتحان آهي ته اهي اڳوڻي آرمي چيف،اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ۽   اڳوڻن چيف جسٽسز کي احتساب جي ڪٽهڙي ۾ آڻيندا، ڇو ته نواز شريف واضح  لفظن ۾ چئي ٿو ته ” مٽي وجهو اڳتي وڌو“ وارو فارومولو هاڻي نه هلندو.

ان ڪري جيڪڏهن نواز شريف جي مطالبي کي موٽ ڏني وئي ۽  ڪا عدالتي ڪميشن جوڙي انهن ڪردارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويو ته اهو وڏو  تاريخي قدم  هوندو.

سياسي تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته سياستدانن جو ته هو دور ۾ احتساب ٿيندو رهيو آهي پر نواز  شريف جو مطالبو مڃيو ويو ته ملڪي تاريخ  ۾ پهريون ڀيرو جنرل ۽ جج احتساب جي ڪٽهڙي ۾ هوندا.

ان سان مستقبل ۾ سازشن ۽ تجربن آڏو  بند ٻڌجي ويندو ۽ ملڪ ۾ بنا فرق جي احتساب جو قانون رائج ٿي ونيدو. جنهن کانپوءِ ملڪ جي مستقبل سان کيڏڻ جي ڪنهن کي به جرئت نه ٿيندي.

نوٽ هيءَ خبر رزواني عوامي آواز اربع 20 سپٽيمبر 2023ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.