اسلام آباد(مانيٽرينگ ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ 12.7 ملين ووٽر آهن، جن مان 5.7 ملين جي عمر 35 سالن کان گهٽ آهي، هو ”ڀٽو زنده هي“ واري نعري کي مڃڻ لاءِ تيار ناهن.
آج نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته پي ٽي آءِ کي وڌيڪ ووٽ انهن سياسي پارٽين کان نفرت جا ملن ٿا، پي ٽي آءِ جو چيئرمين مقبول آهي، 30 سيڪڙو ماڻهو کيس پسند ڪن ٿا، جڏهن ته پي ڊي ايم کي ناپسند ڪندڙ 70 سيڪڙو ماڻهو پي ٽي آءِ جي حمايت ڪن ٿا.
مصطفيٰ نواز کوکر چيو ته گذريل 3 سالن ۾ سموريون سياسي پارٽيون حڪومت ۾ هيون، ان دوران ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي تي ڪيس ختم ڪيا ويا پر اٽي، لٽي ۽ اجهي جو مطالبو اڄ به اتي ئي آهي.هن چيو ته شهباز شريف ووٽ کي عزت ڏيو جو بيانيون برباد ڪري ڇڏيو،
هن چيو ته چونڊن ۾ دير ٿيڻ ۾ سياسي پارٽين جو هٿ آهي، سموريون پارٽيون رڳو اقتدار جي سياست ڪن ٿيون، انهن پارٽين کي عوام جي مسئلن سان ڪو به واسطو ناهي.پي ٽي آءِ جي اڳوڻي اڳواڻ فيصل واوڊا چيو آهي ته مسئلو سمورن سياستدانن جو نه پر 18 اڳواڻن جو آهي، سياسي ڪارڪن پارٽي اڳواڻ ڇو نٿا بڻجي سگهن، توهان 16 مهينن ۾ پنهنجا قرض معاف ڪري ڇڏيا، ملڪ کي قرضن ۾ ڦاسائي ٻاهر هليو ويو، اسحاق ڊار هڪ اشتهاري هو پوءِ وزير بڻجي ويو، پوءِ ٻاهر هليو ويو، عوام جي بدقسمتي آهي جو اهي ساڳيو تماشو ڏسڻ تي مجبور آهن.
فيصل واوڊا سوال ڪيو ته اڳوڻن وزيراعظمن تي ڪرپشن جا ڪيس آهن، ڇا رڳو ڪرپٽ شخص ملڪ جو ليڊر بڻجي سگهي ٿو؟هن سوال اٿاريو ته نواز شريف جي مدي ۾ واڌ ڇو ڏني، پرڏيهه ڇو ويو، نواز شريف 16 مهينن ۾ احتساب ڇو نه ڪيو، ڇا نواز شريف 10 رپين جي ماني، 100 رپين جو ڊالر ڏئي سگهي ٿو؟هن چيو ته سياستدان ادارن کي اسپيس ڏيندا آهن، اها ڪهڙي جادو جي لٺ هئي جنهن ڊالر کي هيٺ لاٿو. پي ٽي آءِ ڪور ڪميٽي جي ميمبر شعيب شاهين آهي چيو ته صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وڃن، عوام جنهن کي چونڊي اها پارٽي حڪومت ڪري، اسان جو ڪو ٻيو مطالبو ناهي، اسٽيبلشمينٽ ڏانهن نه پيا ڏسون،هڪ نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايراني تيل ڪنهن جي آشيرواد سان اچي ٿو، باقي اسمگلنگ ۽ ڇاپن جا ڊراما نه ڪيا وڃن.
هن چيو ته عباد فاروق جو پٽ پوليس ڇاپن سبب ذهني طور پريشر ۾ اچي بيمار ٿي پيو، نوازشريف ٻئي ڀيرا پاڻمرادو جلاوطني اختيار ڪئي، پ پ جي اڳوڻي سينيٽر مصطفيٰ نواز کوکر چيو آهي ته سياسي پارٽين جو عوام سان رابطو ڪٽجي ويو آهي، اڳ ۾ نواز ليگ ووٽ کي عزت ڏيو جو بيانيو ڏنو ،عوام ان کي ڀرپور موٽ ڏني، اهڙي طرح پ پ به مظلوميت جي بنياد تي عوام کان ووٽ ورتا پر هاڻي سياسي پارٽيون ڪٿي آهن ، انهن کي حڪومت ملي ٿي ته عوام کان پري ٿي وڃن ٿيون.
سندس چوڻ هو ته مان تحريڪ انصاف جو مخالف رهيو آهيان، عمران خان 50 لک گهرن ۽ ڏيڍڪروڙ نوڪرين جو پروگرام ڏنو جيڪو بري طرح ناڪام ويو پر اڄ اها حقيقت مڃڻ گهرجي ته عوام ۾ تحريڪ انصاف مقبول آهي، ڇو ته ان سان زيادتيون ٿي رهيون آهن.
هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن جي هڪ وڏي طبقي جي سياست کان بيزاري آهي، اسان سياسي جماعتن کي پنهنجي ڪردار کي ڏسڻ گهرجي.
ن ليگ اڳواڻ خرم دستگير چيو ته شعيب شاهين جي راءِ سان متفق آهيان ته عوام جنهن کي چاهي ان کي حڪومت ڪرڻ ڏني وڃي،صاف شفاف اليڪشن ئي ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ جو موقعو آهي