مرتضيٰ ڀٽو ڪيس: 12 سالن کان پيپر بوڪ نه ٺهڻ جو انڪشاف

ڪراچي (رپورٽر)سنڌهاءِڪورٽ جي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ميرمرتضيٰ ڀٽو قتل ڪيس ۾ جوابدارن جي بريت جي  خلاف اپيلن جي ٻڌڻي ڪئي ،.جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو رمارڪس ڏيندي چيو ته ڪيس جي پيپربڪ ٺاهڻ جو حڪم ڪڏهن مليو هو .

سرڪاري وڪيل جواب ڏيندي چيو ته عدالت 2011ع ۾ اپيلن جي پيپرٺاهڻ جو حڪم ڏنو هو .عدالت سرڪاري وڪيل تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته هي پراسيڪيويشن جي نااهلي آهي جيڪا 2011ع جي فيصلي تي عمل نه ڪرائي سگهي آهي.

عدالت پنهنجي حڪم ۾ چيو ته اگر عدالتي فيصلي تي عمل نه ٿيو ته عدالت سخت حڪم جاري ڪندي .سرڪاري وڪيل چيو ته ڪيس ۾ 18 جوابدار نامزد آهن.

شاهد حيات سميت ڪجهه فوت ٿي ويا آهن .انڪري پيپر بڪ ٺاهڻ ضروري آهي .عدالت اپيلن جي ٻڌڻي 3هفتن جي لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.